Wednesday , April 24 2024

سڪرنڊ ڀرسان پ پ ايم اين اي پاران روڊ ٽوڙائي پاڻي چوري،شاگرد کي مارڪٽ

سڪرنڊ(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سڪرنڊ ويجهو گهنڊيا شاخ جو پاڻي پنهنجي زمينن کي پهچائڻ لاءِ بااثر ماڻهن گهنديا جو روڊ ٽوڙي ڇڏيو، وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، واقعي خلاف ايس ايو پي اڳواڻن احتجاج ڪيو، جنهن بعد ناصري ٿاڻي تي بااثرن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي. ڳوٺ باگو انڙ ۾ گهنڊيا شاخ جو پاڻي پنهنجي زمينن کي پهچائڻ لاءِ بااثر ماڻهن گهنڊيا جو روڊ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جو وڊيو ريڪارڊ ڪرڻ تي بااثرن، شاگرد ذيشان انڙ کي تشدد جو نشانو بڻايو.

گهنڊيا روڊ ٽٽڻ سبب ننڍي گهنڊيا، وڏي گهنڊيا، ڳوٺ باگو انڙ، دنگ، فتح پور ۽ ٻين علائقن جا هڪ ٻئي سان رابطا ڪٽجي ويا آهن.واقعي خلاف ايس يو پي اڳواڻن سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن بعد بااثرن خلاف ناصري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي. هنن الزام مڙهيندي چيو آهي ته ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي زمينن کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ روڊ ڀڃرايو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *