Friday , April 26 2024

سکر ۾ برادري تڪرار، جوابدارن گهر اندر گهڙي 2ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

سکر ۾ برادري تڪرار، برقعا پهريل جوابدارن گهر اندر گهڙي 2ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سکر جي گڏاڻي پاڙي ۾ برقعا پهريل هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا، هڪ مهيني دوران هڪ ئي ڪٽنب جي مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو. سکر شهر جي گڏاڻي ڦاٽڪ پاڙي واري علائقي ۾ گڏاڻي برادري جي گهر اندر داخل ٿي انڌادنڌ فائرنگ ڪري انور گڏاڻي ۽ سندس نوجوان ڀائٽي شوڪت گڏاڻي کي قتل ڪري فائرنگ  ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا. مقتول شوڪت جي ڀاءُ اطهر گڏاڻي جو چوڻ آهي ته هٿياربندن گهر ڀرسان حملو ڪري ٻنهي کي قتل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گڏاڻي برادري ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو نتيجو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ به هٿياربندن مقتول انور گڏاڻي جي نوجوان پٽ اڪبر گڏاڻيءَ کي ٻٻرلوءِ باءِ پاس ويجهو فائرنگ ڪري قتل ڪري ڀڄي ويا هئا. علائقي واسين جو چوڻ هو ته عورتن جي روپ ۾ برقعا پهريل هڪ کان وڌيڪ ماڻهو گهر اندر داخل ٿيا ۽ اندادنڌ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، پوليس کي اطلاع ڪيو پر اها ڪافي دير پڄاڻا واقعي واري هنڌ پهتي. ڪجهه سالن اڳ گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ شروع ٿيل خوني تڪرار ۾ هيل تائين 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *