Thursday , April 25 2024

سکر ۽ گهوٽڪي تبليغي مرڪزن ۾ 146 ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق

تبليغي مرڪز سکر ۾ 52 ۽ گهوٽڪي مرڪز ۾ 94 ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي تصديق

سکر / گهوٽڪي (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سکر ۽ گهوٽڪي جي تبليغي مرڪزن ۾ ترسيل تبليغي جماعت جي 146 ماڻهن کي وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، سکر ۾ 52 ۽ گهوٽڪي ۾ ظاهر ٿيل ڪيسز ۾ پرڏيهي به شامل آهن. سکر جي تبليغي مرڪز يوسف مسجد ۽ گهوٽڪي ۾ قائم تبليغي جماعت جي مسجد ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان موجود تبليغي جماعت جي ماڻهن جي ڪيل ڪرونا ٽيسٽنگ جون رپورٽس اچڻ شروع ٿي ويون آهن. سکر جي يوسف مسجد تبليغي مرڪز ۾ موجود ماڻهن مان 52 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، گهوٽڪي جي تبليغي مرڪز ۾ موجود تبليغي جماعت جي ماڻهن جي ٿيل ڪرونا ٽيسٽ رپورٽس ۾ 94 ماڻهن ۾ کي ڪرونا جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي سکر ۽ گهوٽڪي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي قرنطينا سينٽرز جيڪي تبليغي مرڪز آهن، انهن ۾ موجد پرڏيهي به شامل آهن جن کي وائرس جي تصديق ٿي آحي، ٻنهي مرڪزن ۾ شهري به ايندا ويندا رهيا آهن ۽ اتي موجود تبليغي جماعت جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪندا رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *