Friday , March 29 2024

سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ به پوليس سان گڏ فوج ۽ رينجرز جي مدد سان ڏوهارين ۽ پاٿاريندارن خلاف آپريشن جو فيصلو

ڪنڌڪوٽ (خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) ڏوهارين، ڏوهارين، پاٿاريدارن ۽ سهولتڪارن خلاف ڪراچي ۾ جاري آپريشن کانپوءِ ان جو دائرو صوبي جي ٻين ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي ڪچي وارن علائقن ۾ وڏي پئماني تي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آپريشن لاءِ بنيادي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڏوهارين، پاٿاريندارن ۽ انهن جي سهولتڪارن جون فهرستون تيار ڪري سندن مڪمل پروفائيل جو جائزو ورتو پيو وڃي.

سنڌسماءَچار کي اعتبار جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب دهشتگردي، ڀتا خوري، ڀنگ لاءِ اغوا سميت ٻين ڏوهن خلاف ڪراچي ۾ جاري رينجرز آپريشن جو دائرو هاڻي سنڌ جي ٻين ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

sindhsamaachar.com  کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مختلف ضلعن ۾ ڏوهارين جي محفوط پناهه گاهن ۽ ٺڪاڻن ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ زبردست پوليس،آرمي،رينجرز ۽ حساس ادارن پاران گڏيل آپريشن جو فيصلو، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، سکر، گهوٽڪي جي ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۾ رهندڙ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ فضائي، ۽ زميني آپريشن جو فيصلوڪيو ويو آهي. پاڻ پيش ٿيندڙ ڏوهارين کي فل فراءِ يا هاف فراءِ نه ڪيو ويندو انهن کي قانوني طريقي سان ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو.  ان سلسلي ۾ ٿيل اجلاس ۾ لاڙڪاڻي جو ڊي آءِ جي عبدالله شيخ، سکر جو ڊي آءِ جي خادم رند، چئني ضلعن جا ايس ايس پيز بشير احمد بروهي،عمر طفيل،مسعود بنگش،رينجرز ۽ خفيه ادارن جي عملدار به  شريڪ ٿيا.

آپريشن ۾ پوليس جي مدد ۾ آرمي ۽ رينجرز،حساس ادارا حصو وٺندا آپريشن ۾ گن شپ هليڪاپٽر،بڪتربند گاڏيون ڪمانڊوز پڻ شامل هوندا آپريشن ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو ڪچي توڙي پڪي وارن 4 ضلعن ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر جي ڪچي وارن علائقن ۾ رهندڙ ڏوهارين پاٿاريدارن ۽ سرپرستي ڪندڙ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪانه عبدالله شيخ،ڊي آءِ جي سکر خادم حسين رند،ايس ايس پيز بشير احمد بروهي،عمر طفيل،مسعود بنگش،رينجرز جي عملدارن ۽ خفيه ادارن جي عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ذريعن وٽان اهو معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ڏوهاري پاڻمرادو پيش ٿيندا ته انهن کي فل فراءِ يا هاف فراءِ نه ڪيو ويندو انهن کي قانوني طريقي سان ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو پيش نه ٿيندڙ ڏوهارين خلاف چئني ضلعن جي ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۾ هڪ ئي وقت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

ٻي طرف ايس ايس پي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي سان رابطو ڪيو ويو ته ان اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۽ فيصلن بابت پڻ تصديق ڪئي ياد رهي ته ان کان اڳ لاڙڪانه،سکر ۽ ڪراچي ۾ پڻ ڏوهارين خلاف ڪاروائي بابت گڏجاڻيون پڻ ٿي چڪيون آهن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *