Saturday , April 20 2024

سکر: گٽر جي صفائي ڪندي ميونسپل جا 2 ملازم ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

سکر ۾ گٽر جي صفائي ڪندي ميونسپل ڪارپوريشن جا 2 ملازم ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت، ملازم سراپا احتجاج، ڊرينيج بند، ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه، رستا بلاڪ ٿي ويا، رپورٽ موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪميٽي 9 نئون ڳوٺ ۾ گٽر جي صفائي ڪرڻ لاءِ لٿل صفائي ڪندڙ پورهيت معشوق جوڳي گٽر ۾ زهريلي گئس ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سندس ساٿي گلزار احمد شيخ گٽر ۾ لٿو ته اهو به بيهوش ٿي ويو.

ٻنهي ڄڻن جي گٽر ۾ بيهوش ٿيڻ تي ٽيون خاڪروب ارشاد جوڳي ٻين ملازمن کي ٻڌائڻ بعد گٽر ۾ لٿو ته هو به بيهوش ٿي ويو، موقعي تي موجود ٻين ملازمن ۽ مقامي ماڻهن ٽنهي ڄڻن کي بيهوشي واري حالت ۾ گٽر مان ٻاهر ڪڍيو پر ان کان اڳ معشوق جوڳي ۽ گلزار احمد شيخ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي چڪا هئا، جڏهن ته ارشاد جوڳي کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍي علاج لاءِ سکر جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

sukur mulazim

ملازمن جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن ڪم ڪار جو بائيڪاٽ ڪري ريلي جي صورت ۾ سکر پريس ڪلب پهچي مينارا روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ۽ رڪاوٽون رکي روڊ کي بند ڪري ڌرڻو هنيو . ان موقعي تي ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين جي اڳواڻ علي مردان شيخ ۽ ٻين ملازمن ڊپٽي ميئر سکر طارق حسين چوهاڻ، انجنيئر قائم بگٽي ۽ ڊائريڪٽر نساسڪ مطهر دايو خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ٻنهي ملازمن جو قتل ڪيس مٿن داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻو ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪمشنر سميت ٻين اختيارين ۽ پورهيت يونين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، ان ڏس ۾ يونين جي اڳواڻ علي مردان شيخ موجب خاڪروب صفائي رات جي وقت ڪندا آهن پر ڊپٽي ميئر ۽ انجنيئر طرفان ملازمن کي زبردستي گٽر ۾ لاٿو. هنن چيو ته ملازمن پاران گٽر ۾ زهريلي گئس هئڻ جي دانهن ڪرڻ باوجود هنن کين هڪ به نه ٻڌي، ٻئي طرف ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن طرفان ڪم ڪار جو بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ ڊرينيج جو گندو پاڻي شهر جي مصروف ترين علائقن ۾ بيهجي ويو، هوڏانهن فوتي ٻنهي خاڪروبن جي وارث عورتن توڙي مردن احتجاج ۾ شامل ٿي ڊپٽي ميئر ۽ نساسڪ انتظاميا کي پٽون پاراتا ڏنا.

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *