Thursday , April 25 2024

سکر: لشڪر جهنگوي جو دهشتگرد جليل عرف خليل سڀايو رمانڊ تي پوليس حوالي

Dargah Fatehpur1درگاه فتح پور

 سکر جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت، فتح پور جي درگاهه چيزل شاهه جي عرس جي موقعي تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي ماسٽر مائينڊ ۽ بمبار جو سهولتڪار جليل عرف خليل سڀايو کي 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سکر ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽيمنٽ پاران گذريل ڏينهن بس اسٽينڊ واري علائقي مان گرفتار ڪيل لشڪري جهنگوي جي خطرناڪ دهشتگرد جليل عرف خليل کي سخت سيڪيورٽي هيٺ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سي ٽي ڊي عدالت دخرواست ڏني ته جوابدار،بلوچستان جي فتح پور جي درگاهه چيزل شاهه تي 2006 ۾ ٿيل ڌماڪي جو مک جوابدار ۽ دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، جنهن کان پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري سي تي ڊي حوالي ڪيو وڃي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت لشڪر جهنگوي جي دهشتگرد کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته بلوچستان جي درگاهه فتح پور تي 12 مارچ 2006 ۾ عرس جي ٻئي ڏينهن واري ڌمال جي موقعي تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب 120 زائرين شهيد ۽ 150 زائرين زخمي ٿي پيا هئا. درگاهه فتح پور ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ غيرسرڪاري انگن اکرن موجب 125 زائرين شهيد ۽ 200 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا هئا، ڌماڪي ۾ درگاهه جو هاڻو ڪو گادي نشين سرفراز شاهه به زخمي ٿي پيو هو. گرفتار ڪيل دهشتگرد جليل عرف خليل سڀايو شڪارپور جو رهواسي آهي، سندس واسطو لشڪر جهنگوي سان آهي ۽ هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *