Tuesday , April 16 2024

سکر جهڙي خوبصورت ترين شهر کي خورشيد شاهه گندگي جو ڍير بڻائي ڇڏيو: شيخ رشيد

سکر( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي وزير شيخ رشيد سکر جي تباهي ۽ گندگي جو ذميوار ايم اين اي خورشيد شاهه کي قرار ڏيندي چيو آهي ته، خورشيد شاهه جهڙي شخص سکر کي گندگي جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان کي خطرو ڀارت مان نه پر ڪرپشن ڪندڙ چورن مان آهي، چيف جسٽس کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ملڪ جو ڦريل پئسو واپس آڻڻ گهرجي. سکر جي هڪ ڏينهن واري دوري دوران پريس ڪانفرنس ڪندي ريلويز جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ملڪ جو لٽيل پئسو واپس آڻڻ گهرجي. احتساب ڪميشن ٺهڻ گهرجي جن ملڪ جو پئسو چوري ڪري مني لانڊرنگ ڪئي آهي، انهن جو احتساب ضروري ٿيڻ گهرجي. شيخ رشيد چيو ته سکر پاڪستان جو خوبصورت شهر هو پر ان کي سياستدانن تباهه ڪيو، خاص طور خورشيد شاهه شھر جي تباهي جو ذميوار آهي. خوبصورت ترين سکر شهر جو بدترين بدصورت شخص خورشيد شاهه آهي. شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ ريلوي کي ترقي وٺرائي ويندي ۽ موهن جو دڙو سميت ٻه ٽرينون اڄ کان شروع ٿي وينديون. چين سان نئين دورجو آغاز ڪيو پيو وڃي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ اها دوستي موجوده حڪومت جي دور ۾ اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندي. شيخ رشيد چيو ته پاڪستان کي خطرو ڀارت مان نه پر ڪرپشن ڪندڙ چورن مان آهي، پاڪستان خلاف ڪو به ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *