Friday , March 29 2024

سيشن ججز سکر، ڄامشورو ۽ مٽياري سميت سمورن ضلعن ۾ جاري پاڻي جي منصوبن جو جائزو وٺي رپورٽ ڏين: جسٽس اقبال ڪلهوڙو

ڪراچي(سنڌ ساماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيان نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ وارن مسئلن بابت، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل پاڻي ڪميشن بدين ۾ پاڻي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عمرڪوٽ جي پاڻي جي معيار جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي پڇاڻو، عمر ڪوٽ ۾ پاڻي منصوبي تي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار رپورٽ ڏيڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي آهي. واٽر ڪيمشن پاران سکر، ڄامشورو، مٽياري سميت ٻين علائقن ۾ جاري پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارن منصوبن جو لاڳاپيل ضلعن جا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي جائزو وٺڻ جي هدايت.

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڪميشن جي ٿيل اجلاس ۾، آبپاشي سيڪريٽري، ايم ڊي واٽربورڊ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا. ڪميشن جي اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد پنهنجي مؤقف ۾ چيو ته آبپاشي کاتي جي منصوبن جي لاءِ پي سي ون تيار ڪيو وئي آهي. جنهن جي سمري چيف سيڪريٽري کي موڪلي وئي آهي. ڪميشن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کان پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جو ڇا ٿيو آهي.

واٽر ڪميشن جي اجلاس ۾ واٽر بورڊ، صحت کاتي ۽ هيلٿ پبلڪ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کان منصوبن تي رپورٽس طلب ڪري ورتيون ۽ هدايت ڪئي ته اهي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون وڃن. جڏهن ته ٽاسڪ فورس جي چيئرمين ڪميشن کي ٻڌايو ته عمر ڪوٽ ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس فعال آهي. پاڻي جي ڏيڻ جو نظام به بحال ٿي ويو آهي. پاڻي جا ٻه پمپس فعال ٿي ويا آهن. ان موقعي تي درخواست گذار چيو ته عمر ڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽس غير فعال آهن، ڪميشن چيو ته عمرڪوٽ جي پاڻي جي معيار جي لاءِ ڪابه رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي. جنهن تي پرائيويٽ ڪانٽريڪٽر تفصيلي جواب جي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي. ڪميشن 15 نومبر تي حتمي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو سکر، ڄامشورو، مٽياري سميت ٻين علائقن ۾ جيڪي منصوبا جاري آهن، اتان جي ڊسٽرڪٽ ججز کي چيو آهي ته انهن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ملير ندي ۾ ريتي بجري چوري ڪرڻ واري معاملي جي حوالي سان پاڪستان رينجرز سنڌ رپورٽ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ملير ندي وٽ ٻه موبائل ۽ اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. انهي هنڌ تي نظر رکي وئي آهي هن وقت ريتي بجري جي چوري جو ڪوبه واقعو نه ٿيو آهي، ڪميشن هن رپورٽ کي ڪميشن جو حصو ٺاهيو آهي. اجلاس دوران ڪميشن کي پاڻي جي ڪوالٽي جي نگراني لاءِ هڪ ويب سائيٽ جي تجويز ڏني وئي، جنهن تي ڪميشن وڌيڪ ڪم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو آهي.

ڪميشن ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته واٽر ٽينڪرن کي ريگوليٽ ڪرڻ جي قانونسازي ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري ورتي ويندي. ڪميشن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پاڻي جي صورتحال جي بهتري جي لاءِ سنڌ سرڪار 15 ارب رکيا آهن، ان جي باوجود ڪي به نتيجا نظر نٿا اچن، احتساب جو نظام موجود ناهي، جنهن ڪري نتيجا حاصل نه ٿا ٿين. مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري محمد رمضان اعواڻ چيو ته اور شپ نه هجڻ ڪري نتيجا حاصل نه ٿا ٿين. ڪميشن بدين ۾ پاڻي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪميشن ڪراچي ۾ صنعتن جو ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي وفاقي حڪومت جي ايڪنڪ جي اجلاس جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. جڏهن ته ايم ڊي سيپا ڪميشن کي ٻڌايو ته  سنڌ ماحولياتي جي تحفظ جي ماحولياتي مئجسٽريٽ مقررڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. تجويزون قانون کاتي کي موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي موقعي تي سزا ڏني ويندي، هن ٻڌايو 69 ڪيس موڪليا ويا آهن ۽ هن جي سالياني رپورٽ به پيش ڪئي ويندي، جنهن ڪمپني جي منافعو 15 ارب هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪميشن ايندڙ اجلاس 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *