Thursday , March 28 2024

سڄي سنڌ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش، هر طرف ياحسين جي گونجار

10 Muharam procession rohiri02

ڪراچي/گهوٽڪي/ لاڙڪاڻو/ فيض گنج (رپورٽرز سنڌ سماءَ چار) ڪربلا ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪندڙ امام حسين ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ نڪتل ماتمي جلوس پنهنجي منزل تي پهچي نهر ٿي ويا، ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ پوليس سان گڏ رينجرز جي اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويو. روهڙي ۾ صديون پراڻي تاريخ رکندڙ ڪربلا جو شمع گل ماتمي جلوس پنهنجي آخري منزل پهاڙي واري مڪان تي نهر ٿي ويو، جتي مجلس برپا ڪئي وئي، جڏهن ته ماتمي جلوس ۾ هزارين عزادارن شرڪت ڪئي.

10 Muharam procession 01حيدرآباد ۾ قدم گاهه موليٰ علي تان نڪتل مرڪزي ماتمي جلوس مقرر رستن کان ٿيندو، دادن شاهه ڪربلا وٽ نهر ٿي ويو، جڏهن ته محفل حسيني گاڏي کاتو، اماميه ٽرسٽ لطيف آباد، امام بارگاهه دادن شاهه ۽ امام بارگاهه هزاره حسين آباد ۾ شام غريبان جون مجلسون برپا ڪيون ويون. خيرپور شهر ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه انجمن حيدري تان برآمد ٿيو، جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو ڇٽي چوڪ وٽ پهتو، جتي هزارين عزادارن چاقن ۽ زنجيرن جو ماتم ڪيو. ان کانسواءِ خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن گمبٽ، ڪنگري، نارو، ڪوٽڏيجي، فيض گنج، ٺري ميرواهه،کهڙا، راهوجا، راڻيپور، درازه شريف، گڏيجي، حسين آباد ۽ ٻين شهرن ۾ يوم عاشر جا 625 ماتمي جلوس ڪڍيا ويا ۽ مجلسون برپا ڪيون ويون. ضلعي انتظاميا موجب ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ 6 هزار پوليس ۽ 800 کان وڌيڪ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. گهوٽڪي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو امام بارگاهه جعفريه تي نهر ٿيو، جتي عزادارن پاران سينا زني ڪئي وئي.

عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، جنهن ۾ شامل عزادارن سينا زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.شهر جي مرڪزي امام بارگاهه پنج پير مان مک ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو درگاهه سيد پريل شاهه بخاري وٽ نهر ٿيو، جتي عزادارن سينا زني ڪئي. ان کانسواءِ ضلعي عمرڪوٽ جي مختلف شهرن سامارو، پٿورو، ڪُنري، نبي سر روڊ ۽ ٻين هنڌن جي31 امام بارگاهن تان 66 ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا. ماتمي جلوسن جي رستن ۽ امام بارگاهن تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي  هڪ هزار پوليس اهلڪارن کي  مقرر ڪيو ويو هو. ٺٽي ۾  مرڪزي ماتمي جلوس  شاھي بازار مان شيرازي امام بارگاهه تان برآمد ڪيو ويو، جنھن ۾ شھر جي  30 کان وڌيڪ  امام بارگاھن ۽ پڙن تان نڪتل جلوس به شامل ٿي ويا.

umer kot matam

مرڪزي ماتمي جلوس شھر جي روايتي رستن کان ٿيندو، شهر جي مين اسٽاپ تي پھتو، جتي زنجير ۽ ڇرين جو ماتم ڪيو ويو. ٺٽي ضلعي جي ٻين شهرن ڌاٻيجي، گهارو، گجو، ميرپور ساڪرو ۾ پڻ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا، جنهن ۾عزادارن طرفان سينا زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ماتمي جلوسن ۽ مجلسن لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت  ڪيا ويا.

10 Muharam procession rohiri02

جيڪب آباد ضلعي جي مختلف شهرن ۾ 53 ماتمي جلوس ڪڍيا ويا ۽ مجلسون برپا ڪيون ويون، جنهن دوران حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. جيڪب آباد ضلعي جي  شهرن ٺل، مبارڪپور ۽ ڳڙهي خيرو سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ 53 ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا، جن جي سي سي ٽي وي ذريعي مانيٽرنگ ڪئي وئي. مٽياري ۾ مسجد زين العابدين تان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو، سخي هاشم شاهه تي نهر ٿيو، جڏهن ته ڀٽ شاهه ۾ پڻ نڪتل مرڪزي ماتمي جلوس ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پهچي نهر ٿي ويو، جتي مجلس شام غريبان برپا ڪئي وئي. ڪشمور ۾ مرڪزي ماتمي جلوس فتح شاهه بخاري کان ڪڍيو ويو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو، ساجي هنڌ نهر ٿي ويو. نصرپور ۾ امير ڀٽي امام بارگاهه تان مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ويو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو، ساڳي جاءِ تي نهر ٿي ويو.

MUharam matam ghotki

پنو عاقل ۾ يوم عاشور جو مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه قصر فاطمه کان ڪڍيو ويو، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو مکڻ شاهه جي پڙ تي نهر ٿيو، جتي مجلس برپا ڪئي وئي. سيتا روڊ ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه حسينيه کان ڪڍيو ويو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو، گهنٽا گهر چوڪ وٽ نهر ٿي ويو، جتي شام غريبان جي مجلس برپا ڪئي وئي. ڀريا سٽي ۽ ڀريا روڊ ۾ يوم عاشور جا نڪتل مرڪزي ماتمي جلوس مقرر رستن کان ٿيندا پنهنجي منزل تي نهر ٿي ويا، جتي مجلس شام غريبان برپا ڪئي وئي. ڀان سيد آباد ۾ جمالي ڪالوني جي امام بارگاهه کان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو ساڳي هنڌ نهر ٿي ويو. نوابشاهه ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه مرتضوي کان برآمد ٿيو، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو ساڳي جاءِ تي نهر ٿي ويو، جڏهن ته ڄام صاحب، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا جيڪي پنهنجي منزلن تي پهچي نهر ٿي ويا.

قمبر ۾ مرڪزي امام بارگاهه کان يوم عاشور جو ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو ڪلرائي محلي ۾ نهر ٿي ويو، جتي شام غريبان جي مجلس برپا ڪئي وئي.

10 Muharam procession rohiri01

روهڙي جو تاريخي شمع گل ماتم 

ڪوٽڙي ۾ ٻڍل شاهه جي پڙ تان نڪتل مرڪزي ماتمي جلوس مقرر رستن کان ٿيندو ساڳي هنڌ نهر ٿيو، جتي مجلس شام غريبان برپا ڪئي وئي. ان کانسواءِ مٺي، ڪنڌڪوٽ، ميهڙ، محرابپور، ڪنري، خانپور مهر، شاهپور چاڪر، اسلام ڪوٽ، کڏڙو، ڪرم پور، ننگر پارڪر، پنگريو، ڇاڇرو، چمبڙ، ڪنڊيارو، کپرو، نئون ديرو، سجاول، خانپور، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻين هنڌن تي پڻ يوم عاشور جا ماتمي جلوس ڪڍيا ويا، جيڪي پنهنجي منزل تي پهچي نهر ٿي ويا.

ڪراچي: نشتر پارڪ مان نڪتل ماتمي جلوس امام بارگاهه اماميا حسينيا کارادر ۾ نهر

umer kot matam10 Muharam procession 03

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) يوم عاشور جي موقعي تي ڪراچي ۾ نشتر پارڪ کان نڪتل مرڪزي ماتمي جلوس پنهنجي منزل طرف روان دوان آهي، جڏهن ته اڄ ٽئين ڏينهن به سيڪورٽي خدشن سبب موبائل فون سروس بند رکي وئي. مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ جي امام بارگاهه شاهه خراسان کان برآمد ٿيو، جيڪو ايم اي جناح روڊ کان ٿيندو پنهنجي منزل کارادر حسينيه ايرانيا پهچي نهر ٿي ويو، جتي شام غريبان برپا ڪئي وئي.

ماتمي جلوس ۾ شريڪ عزادارن ايم اي جناح روڊ تي 3 وڳي نماز ظهرين ادا ڪئي. جلوس جي سڪيورٽي انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ پوليس سان گڏ رينجرز اهلڪارن جو به وڏو انگ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلوس جي روٽ کي ڪنٽينرن سان بند ڪري ٽريفڪ کي متبادل رستا ڏنا ويا. مرڪزي ماتمي جلوس جي سي سي ٽي وي ۽ هوائي نگراني به ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته عمارتن تي شوٽرز پڻ مقرر ڪيا ويا. يوم عاشور جي موقعي تي ٽئين ڏينهن به سڪيورٽي خدشن سبب موبائل فون سروس بند رکي وئي جيڪا رات 8 وڳي کانپوءِ بحال ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *