Thursday , March 28 2024

سڀني کي خبر آهي ته منهنجو نانو، امڙ ڊڄڻ وارا نه هئا، بابا ۽ پڦي به نه گهٻرائيندا: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، سڀني کي خبر آهي ته منهنجي نانا ۽ امڙ آمرن سان مقابلو ڪيو ۽ اُهي ڪڏهن به نه جهڪيا نه ئي ڊنا، بابا ۽ پڦي کي گرفتار ڪيو ويو آهي اُهي به ڊڄڻ وارا نه آحن، ڪيسن کي بهادري سان منهن ڏيندا. فريال ٽالپر  جي گرفتاري کانپوء اسلام آباد ۾  تڪڙي پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پامال ڪندڙ ملڪ تي مڙهيا ويا آهن، ملڪ ۾ سياسي انتقام جو هڪ ٻيو باب سامهون آيو آهي. نيب رڳو سياسي انتقام ڪندو آهي ۽ اهو ادارو رڳو سياسي مقصد لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڪنهن فرشتي کي به نيب جو چيئرمين بڻايو وڃي ته هو به ان کي به اهو ئي ڪم ڪرڻو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته نيب چيئرمين چيو هو ته جيڪڏهن حڪمرانن خلاف ڪارروائي ٿي ته حڪومت ڪِري پوندي. جنهن بعد چيئرمين خلاف جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي اڃا تائين خاموشي آهي، اهو سڀ ڪجهه گهرو وزير ڪرائي رهيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اڄ پرويز مشرف جيان عمران خان به عدليه تي حملو ڪيو آهي.

عمران خان 2 نه هڪ پاڪستان جي ڳالهه ڪندو هو پر هينئر 2 پاڪستان آهن. بلاول ڀٽو چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي سياسي مقصدن لاءِ گرفتار ڪيو ويو ۽ گرفتارين جو مقصد معاشي قتل تان عوام جو ڌيان هٽائڻ آهي. بلاول سوال ڪيو ته عوام ٻڌائي ته مشرف جي پاڪستان ۽ عمران خان جي پاڪستان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پ پ چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو چادر ۽ چئوديواري جي پاسداري ناهن ڪندا اهي ڊڄڻا هوندا آهن. پر چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پامال ڪندڙ هن ملڪ تي مڙهيل آهن. بلاول چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته مان ڇا بِگاڙيو آهي. اوهان منهنجي والد کي جيل ۾ وِڌو، ڪجهه ناهي بگاڙيو. منهنجي پڦي کي گرفتار ڪيو ويو، ڪجهه ناهي بگاڙيو. پر اوهان عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، ان تي اعتراض آهي. بلاول چيو ته اسان وڙهنداسين، مقابلو ڪنداسين، پوئتي هٽڻ وارا ناهيون، ياد رکو اوهان جي گهر ۾ به ڀينرون ۽ ڌيئرون آهن، پ پ چيئرمين چيو ته بجيٽ اجلاس بعد پنهنجي عوامي رابطا مهم جو اعلان ڪنداسين ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس به جلد ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *