Thursday , March 28 2024

پاناما مامرو: سپريم ڪورٽ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي، پهرين رپورٽ 22 مئي تي جمع ڪرائڻ جي هدايت

Nawaz family

سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف عمران خان ۽ ٻين خلاف داخل درخواستن تي ڏنل فيصلي تحت جوائنٽ انوسيٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جاچ ٽيم جو سربراهه ايف آءِ اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر واجد ضياءُ پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي جو سربراهه هوندو. جنهن ۾ نيب، ملٽري انٽيليجينس، آءِ ايس آءِ، ايس اي سي پي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا سينئر آفيسرز ميمبر هوندا.

سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم ۽ سندس پٽن جي خلاف ڪرپشن جي الزامن جي جاچ جي لاءِ ڇهه رڪني جاچ ٽيم 60 ڏينهن اندر رپورٽ عدالت کي پيش ڪرڻ جي پابند هوندي. جي آءِ ٽي هر پندرنهن ڏينهن دوران ٿيل جاچ جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي پابند هوندي. سپريم ڪورٽ حڪومت جي سمورن ادارن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اُهي جي آءِ ٽي سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ جا پابند هوندا.

ان ڏس ۾  جسٽس اعجاز افضل جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ لکت ۾ آرڊر جاري ڪيو آهي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته خميس جي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران مختلف ادارن جي نالن جي لسٽ جو جائزو ورتو ويو پر اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ سيڪيورٽي ايڪسچنج ڪميشن پاڪستان کي طلب ڪيو ويو ۽ کين ارڙهين گريڊ ۽ ارڙهين گريڊ کان مٿي وارن آفيسرن جون لسٽون پيش ڪرڻو جو حڪم ڏنو ويو، جئين انهن کي ڏسي جوائنٽ انويسٽيگشن ٽيم جوڙي وڃي، عدالت چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ سيڪيورٽي ايڪسچنج ڪميشن آف پاڪستان جو چئرمين لسٽن سميت عدالت آڏو پيش ٿيا، جنهن جو جائزو وٺي انهن ٻنهي لسٽن مان جي آئي ٽي جي لاءِ نالن جي چونڊ ڪئي.

اسٽيٽ بئنڪ جي لسٽ مان 21هين گريڊ جي آفيسر عامر عزيز جو نالو جي آئي ٽي جي ميمبر طور چونڊيو ويو آهي، عامر عزيز هن وقت نباف ۾ ڊپيوٽيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي، سيڪيورٽي ايڪسچنج ڪميشن آف پاڪستان جي لسٽ تي غور کانپوءِ ايگزيڪيوٽو ڊاريڪٽر بلال رسول جو نالو  جي آئي ٽي جي ميمبر طور چونڊيو ويو آهي، جيڪو هن وقت سيڪيورٽي ايڪسچنج ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا، ڪميونيڪشن ۽ ٽرانسليشن ڊپارٽمينٽ ۾  مقرر آهي.

جي آءِ ٽي ۾ نيب جي چئرمين طرفان ڏنل لسٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ويهين گريڊ جي آفيسر عرفان نعيم منگي جو نالو جي آئي ٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڊي جي آئي ايس آئي طرفان ڏنل لسٽ تي غور ويچار کان پوءِ برگيڊئير نعمان سعيد جو نالو جاچ ٽيم جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. جڏهن ته ملٽري انٽلجنس طرفان ڏنل نالن مان برگيڊئير ڪامران خورشيد جي نالي جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

FIA3Sharif

ڊاريڪٽر جنرل ايف آئي اي جيڪا لسٽ موڪلي آهي انهي مان واجد ضياءُ جي نالي جي چونڊ ڪئي وئي آهي،ايف آئي اي جو ايڊيشنل ڊاريڪٽر جنرل واجد ضياءُ گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهي ڪندو. سپريم ڪورٽ انهي حوالي سان وڌيڪ حڪم جاري ڪيو آهي ته جاچ ٽيم جو سيڪريٽريٽ اسلام آباد جي فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي ۾ قائم ڪيو وڃي،جتي جاچ ٽيم کي آفيس ۽ انهي سان لاڳاپيل سهوليتون فراهم ڪيون وڃن،انهي جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کان حتمي منظوري ورتي وڃي،عدالت چيو آهي ته انهي معاملي جي جاچ جي لاءِ فنڊن جي به ضرورت پوندي انهي جي ڪري وفاقي حڪومت کي حڪم ٿو ڏجي ته جاچ ٽيم کي ضروري فنڊ مهيا ڪن،وفاقي حڪومت انهي ڏس ۾ فوري طور ٻه ڪروڙ رپيا جاري ڪري جئين جاچ ٽيم پاڻ کي پنهنجي ڪم ۾ محتاج نه سمجهي،عدالت جو حڪم آهي ته جاچ ٽيم پنهنجي ادارن ، وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جون ماهراڻيون خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ آزاد هوندي،جاچ ٽيم ۾ شامل ميمبرن جي اچ وڃ، رهائش، ٽرانسپورٽيشن جو بندوبست پنهنجا پنهنجا کاتا قاعدن موجب ڪندا،جاچ ٽيم کي اهو اختيار هوندو ته هو جاچ ۾ سهوليت ، ثبوت کي هٿ ڪرڻ جي لاءِ  ملڪي يا غير ملڪي معاون يا ماهر مقرر ڪري سگهندي،جاچ ٽيم کي جاچ قانونن موجب سمورا اختيار هوندا، خاص طور تي فوجداري قانون 1898، نيب قانون 1999 ايف آئي اي قانون 1975 وارا اختيار جاچ ٽيم کي حاصل هوندا،عدالت چيو آهي ته جئين تي هي گڏيل جاچ ٽيم سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪم ڪري رهي آهي انهي جي ڪري پوري ملڪ جي انتظامي مشينري ۽ اختياريون جي آئي ٽي سان تعاون ڪرڻ جو پابند هونديون،جيڪڏهن ڪو شخص جي آئي ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري، يا پيش نه ٿئي، جاچ ٽيم سان تعاون نه ڪري، تعاون کان انڪار ڪري، زباني يا دستاويزي معلومات ڏيڻ کان انڪار ڪري ته جاچ ٽيم فوري طور اها ڳالهه سپريم ڪورٽ تائين رسائي ته انهي معاملي تي عدالت فوري طور ڪارروائي ڪندي،عدالت گھرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته فوري طور جي آئي ٽي  ٽيم جي ميمبرن ۽ سيڪريٽريٽ جي سيڪيورٽي جو انتظام ڪري.جي آئي ٽي کي حڪم ڏنو ويو آهي ته 20 اپريل جي آرڊر مطابق جوائنٽ انوسٽيگشن ٽيم کي پنهنجي جاچ مڪمل ڪرڻي آهي جڏهن ته ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي 22 مئي تي ڪندي، جنهن ۾ جي آءِ ٽي ابتدائي رپورٽ پيش ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *