Tuesday , April 16 2024

سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود ڊٻن ۾ بند کير جي4 برانڊز جو وڪرو جاري

ڪراچي( اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود 4 ڪمپنين جو ڊٻن واري کير جو بازارن ۾ وڪرو، صحت ۽ خوراڪ کاتي سميت ڪنهن به لاڳاپيل اداري نوٽيس نه ورتو، عام ماڻهو صحت لاءِ هاڃيڪار کير خريد ڪرڻ ۽ واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن. پنجاب جيان سنڌ ۾ مينهن ۽ ڳئون کان وڌيڪ کير حاصل ڪراڻ لاءِ انجيڪشنز لڳائڻ ۽ ڊٻن ۾ بند کير واري معاملي جي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران عدالت چئن قسمن جي پيڪنگ واري کير تي پابندي لڳائي هئي. عدالت ڊي فريش هول مِلِڪ/کير (Day Fresh Whole Milk (pasteurized))، ڊي فريش يو ايڇ ٽي کير (Day Fresh UHT، اسڪملڪ اسڪمڊ ملڪ پائوڊر (خشڪ کير) Skimilac Skimmed Milk Powder ۽ نُرپُر فل ڪريم ملڪ/کير کي ليباريٽريز جي چڪاس کانپوءِ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو هو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران ڪواليٽي ڪنٽرول اٿارٽي سميت لاڳاپي ادارن کليل ۽ ڊٻن ۾ پيڪ کير بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي هئي. رپورٽ ۾  Day Fresh Whole Milk (pasteurized), Day Fresh UHT, Skimilac Skimmed Milk Pwder, Nurpur Full Cream Milk  وارن کير جي قسمن کي صحت لاءِ هاڃيڪاار قرار ڏنو ويو هو. عدالت ٻڌڻي دوران انهن سمورن قسمن جي کير جي وڪري ۽ مارڪيٽنگ تي ايندڙ حڪمن تائين پابندي مڙهيندي مارڪيٽ ۾ موجود اسٽاڪ به کڻائڻ/ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي باوجود ڄاڻايل ڪمپنين جو کير مارڪيٽ ۾ موجود آحي ۽ ان جو وڪرو به ڪيو پيو وڃي. جنهن تي لاڳاپيل اختيارين ڪو به تحرڪ ناهي ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *