Thursday , April 25 2024

سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

وزيراعظم هڪ گروپ نه پر سڄي ملڪ جو آهي، عمران خان رياست جي ادارن جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي:جسٽس قاضي فائرز عيسيٰ

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي معاملو چيف جسٽس آف پاڪستان ڏانهن  اماڻي ڇڏيو آهي، جسٽ قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته وزيراعظم ڪنهن هڪ گروپ يا پارٽي جو نه پر سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي، عمران خان رياست جي وسيلن جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي زمينن بابت هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران، سينئر جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وزيراعظ۾ عمران خان کي ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ انصاف لايرز فورم جي تقريب جي تقريب ۾ شرڪت ۽ ان کي خطاب ڪرڻ واري معاملي تي وزيراعظم عمران خان، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا. ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته، “وزيراعظ۾پوري ملڪ جو آهي، ڪنهن هڪ گروپ جو نه، هي معاملو آئين جي تشريح / وضاحت ۽ بنيادي حقن جو آهي”، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته، “ وزيراعظم ڪنوينشن سينٽر واري تقريب ۾ بظاهر ذاتي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم جي ڪنهن خاص گروپ سان لائن نه ٿي سگهي، هن وڪيلن جي هڪ گروپ جي تقريب ۾ شرڪت ڪري ان جي حمايت ڪئي”.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇيو ته، ڪنوينشن سينٽر جو اچارج ٻڌائي ته ان تقريب جو خرچ ڪنهن ادا ڪيو؟، عدالت وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ بئنچ قائم ڪرڻ لاءِ معاملو  چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد ڏانهن  اماڻ ي ڇڏيو آهي. ان سان گڏ عدالت اٽارني جنرل آاف پاڪستان، خالد جاويد خان. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب، ڪنوينشن سينٽر اسالم آباد جي انچارج ۽ لاڳاپيل سمورين وزارتن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته هلندڙ مهيني آڪٽوبر جي نائين تاريخ تي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ انصاف لائرز فورم جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ خطاب به ڪيو هو.

سنڌ حڪومت پاران ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين، اين او سي ڏيڻ ۽ آرڊيننس جي ڪنهن ڪنهن کي خبر هئي؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *