Thursday , March 28 2024

سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف فيصلو ناهي ڏنو: افتخار چوڌري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار احمد چوڌري چيو آهي ته، سپريم ڪورٽ نواز شريف جي خلاف فيصلو ناهي ڏنو پر؛ فيصلي ۾ آئين جي ٽِن آرٽيڪلز جي وضاحت / تشريح ڪئي آهي. آرٽيڪل 62 اهليت بابت ڳالهه ڪندا آهن، 63 جو سب آرٽيڪل ڪلازسي، ٻٽي شهريت جڏهن ته ٽيون 63 اي ٻڌائي ٿو. افتخار چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري کان پوءِ ڪنهن به پارٽي جي اميدوارن کي آزاد قرار نٿي ڏئي سگهي، ملڪ ۾ جيتري جدوجهد، وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا ڪئي جڏهن ته ان جو مقصد هو ته ملڪ ۾ آئين جو دور رڳو دورو هوندو.

اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف خلاف اقامي جي بنياد تي فيصلو ڪمزور ناهي. افتخار محمد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدعنواني جو ڪيس احتساب عدالت لاءِ رکيو ويو جيڪو 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، عدليه جڏهن به آئين ۽ قانون جي موجب آزادي سان اهڙا فيصلا ڪيا جيڪي صاحب اقتدار کي سٺا نه ٿا، هو شڪايت ڪندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *