Saturday , April 20 2024

پهريون ڀيرو سزا ڪاٽيندڙ کي ريليف، نواز شريف جي ڏيڍ مهيني لاءِ ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سزا ڪاٽيندڙ ڪنهن به قيدي کي علاج لاءِ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو عدالتي فيصلو؛ مستقبل جي ايندڙ فيصلن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. نواز شريف جي ضمانت واري فيصلي سان عدليه پنهنجي لاءِ ئي مستقل امتحان لاڳو ڪري ڇڏيو آهي(اصغر آزاد)

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڪنهن به ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدي کي علاج لاءِ ضمانت تي آزاد ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي تاريخ جو پهريون مثال، سپريم ڪورٽ العزيزيه ڪرپشن ريفرنس ۾ سزا ڪاٽيندڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج لاءِ 6 هفتن جي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، 6 هفتن دوران نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه هوندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بئنچ، العزيزيه اسٽيل ملز ڪرپشن ريفرنس ۾ سزا ڪاٽيندڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي علاج ڪرائڻ لاءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث درخواست جي حمايت ۾ ۽ نيب توڙي وفاقي حڪومت پاران نوازشريف پاران داخل ڪرايل درخواست جي سخت مخالفت ڪندي ان کي خارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي. درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد چيف جسٽس فيصلو محفوظ ڪندي ڪجهه دير لاءِ عدالتي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس ڪجهه دير بعد واپس عدالتي ڪارروائي شروع ڪندي، عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي علاج ڪرائڻ لاءِ طبي بنيادن تي 6 هفتن لاءِ 50 لک رُپين عجيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *