Thursday , March 28 2024

سپريم ڪورٽ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ عدالتي مارشل لا لڳائي: شيخ رشيد

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد نيٺ مارشل لا لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار کي اپيل ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت بدران ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ 90 يا 120 ڏينهن جي عدالتي مارشل لا لڳائي وڃي.هن چيو ته، نگران وزير اعظم ۽ حڪومتون ماڻهن جي معيار موجب هئڻ گهرجن. صدر کي به انهيءَ سال ريٽائر ٿيڻو آهي. جنهن نگران وزير اعظم تي عمران خان جو آشيرواد نه هوندو اهو قبول نه ڪنداسين. نواز شريف پاڻ چيو ته هن کان سواءِ ٻيو ڪير به ملڪ نٿو هلائي سگهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراه چيو ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪي نائب صدر سان اڪيلو مليو حالانڪ ظفر الله جمالي رمسفيلڊ سان اڪيلو مليو ته کيس فارغ ڪيو ويو. شيخ رشيد چيو ته صدر جو مدرو پورو ٿيڻ تي سينيت چيئرمين سنجراڻي صدر هوندو، موجوده اسيمبلي کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هو نئون صدر آڻڻ چاهن ٿا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ مان نگران حڪومت بڻائڻ بابت به سڀني کي اميد آهي. سمورا حڪم پورا ڪرڻ جي لاءِ چيف جسٽس صاحب 90 يا 120 ڏينهن جي جوڊيشل مارشل لا لڳائي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *