Friday , March 29 2024

سپريم ڪورٽ صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن، ميڊياهائوسز جي مالڪن ۽ سينئر صحافين کي گهرائي ورتو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) قصور جي نينگري زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران بابت خانگي ٽي وي چئنل جي اينڪر ڊاڪٽر شاهد مسعود پاران ڪيل دعويٰ جي ڪوڙي ثابت ٿيڻ بعد، سپريم ڪورٽ مختلف ميڊيا هائوسز جي مالڪن ۽ سينئر صحافين سميت صحافين جي تنظيمن جي اڳواڻن کي به نوٽيس جاري ڪندي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته؛ انصاف مهيا ڪرڻ جي ذميوارفي صرف عدليه تي ئي نه پر هاڻي ميڊيا کي به انصاف ڪرڻو پوندو. ٽي وي اينڪرپرسن شاهد مسعود زينب قتل جي جوابدار عمران علي جي 37 بئنڪ اڪائونٽس جي دعويٰ ڪئي پر اسٽيٽ بئنڪ اهڙي دعويٰ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اڄ زينب قتل ڪيس جي پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.

جنهن لاءِ شاهد مسعود ۽ اهم ميڊيا شخصيتن کي اڄ طلب ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران سينئر صحافي مظهر عباس به موجود هو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته شاهد مسعود معاملي تي اسان سمورين صحافي تنظيمن کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، مظهر عباس ٻڌائي ته ڪنهن ڪنهن کي نوٽيس ڪيون. انصاف ڪرڻ عدليه نه پر توهان جو به ڪم آهي. مظهر عباس چيو ته بدقسمتي سان صحافتي قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي، شاهد مسعود جي دعويٰ انفرادي معاملو آهي، چيف جسٽس چيو ته مظهر عباس صاحب انصاف ڪرڻ رڳو عدليه جي ذميواري ناهي، هاڻي ذميواري ميڊيا تي به لاڳو ٿيندي، مظهر عباس صاحب اسان نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون جيڪي وڏا آهن اڄ لاهور پهچي وڃن. سپريم ڪورٽ زينب قتل ڪيس ۾ لاهور رجسٽريءَ ۾ پيشي لاءِ ميڊيا پرسنز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جنهن ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود، حميد هارون، مير شڪيل الرحمان، فهد حسين، آءِ اي رحمان، ڪامران خان، مجيب الرحمان شامي، ڪاشف عباسي، حامد مير، عامر محمود، مس رميزه، سرمد علي ۽ ضياءَ شاهد شامل آهن. نوٽيس موجب ميڊيا پرسنز کي اڄ صبح 10 وڳي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ طلب ڪيو ويو آهي جتي زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي. چيف جسٽس ڊي جي فارنزڪ ليب ۽ آءِ جي پنجاب کي به طلب جا نوٽيس جاري ڪيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *