Friday , April 19 2024

سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف احتجاج ڪندڙ ملڪ دشمن آهن،رياست سان ٽڪراءَ ۾ نه اچن:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف احتجاج ڪندڙن کي ملڪ دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته، عدالت فيصلو آئين ۽ قانون مطابق ڏنو آهي، احتجاج ڪندڙن آرمي چيف ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين ججز بابت جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ٿيل احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن واري صورتحال کانپوءِ رات جو پوڻين اٺين وڳي احتجاج هنگامي طور قوم کي خطاب ڪيو. پن هنجي مختصر خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته، سپريم ڪورٽ آسيه بي بي جي اپيل تي جيڪو فيصلو ٻڌايو آهي اُهو مڪمل آئين ۽ قانون مطابق ڏنو آهي، ان فيصلي خلاف هڪ ننڍڙو ۽ مخصوص ٽولو احتجاج ڪري رهيو آهي، جيڪو عمل اسلام دوستي نه پر اسلام ۽ ملڪ دشمني آهي. وزيراعظم چيو ته، احتجاج ڪندڙ آرمي چيف ۽ چيف جسٽس بابت جيڪا زبان استعمال ڪري رهيا آهن اها برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، احتجاج ڪندڙن مختلف اختيارين کي قتل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون. مديني جي رياست کانپوءِ پاڪستان اهو اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو ۽ ان جو مطلب اهو آهي ته عدالت آئين موجب فيصلو ڏنو. عمران خان قوم کي خطاب دوران چيو ته، آئين قرآن ۽ سنت موجب آهي، فيصلي کانپوءِ آرمي چيف خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ملڪ دشمن عنصر ججن کي قتل ۽ فوج سان بغاوت لاءِ ڀڙڪائي رهيا آهن، مان اهڙن عنصرن کي چوان ٿو ته ته رياست سان ٽڪراءُ ۾ نه اچو. هن چيو ته احتجاج اسلام لاءِ نه پر احتجاج ڪندڙ پنهنجا سياسي مفاد حالصل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. اهڙا عنصر حڪومت کي ڪو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪن. پاڪستان جو مقصد فلاحي رياست آهي، جيڪڏهن اها نه ٺاهينداسين ته پاڪستان جو مقصد مَري ٿو وڃي. هن چيو ته انسان جو تيستائين مڪمل ناهي، جيستائين پاڻ سڳورن سان غير مشروط محبت نه ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *