Friday , April 19 2024

سٽي ڪورٽس جي مال خاني کي باهه، سائوٿ ۽ ايسٽ ضلعن جو سمورو رڪارڊ سڙي ويو

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي سٽي ڪورٽ جي مالي خاني کي لڳل باهه جي نتيجي ۾ ڪراچي ڊويزن جي ٻن ضلعن ايسٽ ۽ سائوٿ ضلعن جي ڪيسز  جو سمورو رڪارڊ ۽ ڪيس پراپرٽيز مڪمل طور تي سڙي ويون آهن، ڊي آءِ جي سائوٿ آزاد خان چيو آهي ته، باهه جي واقعي جي جاچ لاءِ ٻه ڌار ڌار جاچ ڪميٽيون جوڙيون وينديون. ڪراچي جي سٽي ڪورٽس ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب مال خاني جي پوري عمارت سڙي ، جڏهن ته ان سان گڏ موجود ريڪارڊ روم ۾ عدالتي ريڪارڊ به سڙي ويو. ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ 10 ۽ 11 اپريل جي اڌ رات جو اوچتو سٽي ڪورٽ جي مال خاني ۾ باهه لڳي وئي، باهه مال خاني جي پوري عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

باهه جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو، پر مال خاني ۾ موجود هٿيار، گوليون ۽ بارودي مواد ڦاٽڻ شروع ٿي ويو، جنهن سبب ريسڪيو آپريشن کي روڪي  سمورن رضاڪارن کي ڪورٽ جي اڱڻ مان نڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ مال خاني ۾ موجود بارودي مواد  جي ڌماڪن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءَ پئدا ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي آئي جي سنڌ اي ڊي خواجا، ايڊيشنل آئي جي مشتاق مهر ۽ ڊي آئي جي سائوٿ آزاد خان سميت ڪيترائي پوليس عملدار موقعي تي پهچي ويا.

ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي آئي جي سنڌ جو چوڻ هو ته مال خانو برطانوي دور ۾ تعمير ڪيو ويو هو، باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ کانپوءِ حقيقتون سامهون اچي سگهنديون. باهه جي شدت کي ڏسندي سموري شهر مان فائر برگيڊ گاڏيون گهرايون ويون، جن 6 ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪيو .سنڌ هائي ڪورٽ جي رجسٽرار ڊسٽرڪٽ سيشن ججز سان گڏ مال خاني جو دورو ڪيو ۽ باهه جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.اطلاعن مطابق باهه لڳڻ سبب ريڪارڊ روم ته سڙي وئي، پر اهم دستاويز به سڙي رک ٿي ويا. باهه لڳڻ سبب مال خاني ۾ موجود راڪيٽ لانچر به سڙي ويو.مال خاني جي انچارج ٻڌايو ته مال خاني ۾ دستي بم، آپگهاتي جيڪيٽون، اڍائي سو مڻ بارود ۽ 100 کان وڌيڪ راڪيٽ لانچر جي گولن سميت بال بم ايميونيشن وڏي تعداد ۾ موجود هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *