Thursday , March 28 2024

سي ٽي ڊي جي ڪامياب ڪارروائي، پاڪ فوج جي ميجر ۽ ٻين جوانن کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد گرفتار

ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جو دهشتگرد محمد زمين عرف نورالاسلام گرفتار

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي) بندش پيل تحريڪ طالبان جي خطرناڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  ايس ايس پي سي ٽي ڊي آپريشن ون غلام سرور ابڙو پنهنجي بيان ۾ چيو ته دهشتگرد محمد زمين عرف نورالاسلام بلوچستان کان ڪراچي پهتو هو، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي. ايس ايس پي سرور ابڙو پنهنجي بيان ۾ چيو هي ته، کين ڳجهو اطلاع مليو ته پاڪ فوج جي هڪ ميجر سميت ڪيترن ئي فوجي جوانن کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي ويجهو هڪ جاءِ تي لڪيل آهي، اهڙي اطلاع کانپوءِ  خصوصي ٽيم جوڙي ڪارروائي ڪئي، ۽ ڪامياب ڪارروائي ۾ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو. ايس ايس پي سي ٽي ڊي موجب محمد زمين عرف نورالاسلام پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان جي اڳوڻي امير مولانا فقير محمد جو ويجهو ساٿي رهيو آهي. ايس ايس پي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ دعويٰ آهي ته گرفتار دهشتگرد 2015 ۾ پاڪ آرمي جي ميجر يحيٰ ۽ ٻين فوجي جوانن کي اتر وزيرستان جي چشمه چيڪ پوسٽ وٽ شهيد ڪيو هو ۽ پوءِ دهشتگرد محمد زمين شهيد ميجر يحيٰ جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو، ان تي هن تحريڪ طالبان کان 40 لک انعام حاصل ڪيو هو. ايس ايس پي غلام سرور ابڙو جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد افغانستان ۾ تربيت ورتي هئي، بم ٺاهڻ جو ماهر آهي، هو افغانستان ۾ ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيو، اتي علاج دوران سندس هڪ ڄنگهه ضايع ٿي وئي، هو ڪنهن وڏي ڪارروائي لاءِ چمن ذريعي ڪراچي پهتو. ايس ايس پي سي ٽي ڊي موجب دهشتگرد جي قبضي مان 2 هينڊ گرنيڊ ۽ فنڊنگ رسيد بڪ مليو آهي، کانئنس وڌي پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *