Friday , March 29 2024

سي سي آءِ جي اجلاس ۾ آدمشماري جي انگن اکرن تي سنڌ سميت ڪنهن به صوبي اعتراض نه ڪيا

census2Saleem Mandviwalla 01Mohsin_Aziz_Chairman_KPBOIT

اسلام آباد: شماريات کاتي جي سربراهه آصف باجوه دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ آدمشماري جا انگ اکر پيش ڪرڻ دوران يا بعد ۾ ڪنهن به اعتراض يا ڪا وضاحت نه پڇي هئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سمورا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل وزارتن جا وزير ۽ ٻيا عملدار موجود هئا پر ڪنهن به آدمشماري جي انگن اکرن تي ڪو به اعتراض نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪنهن آدمشماري جي انگن اکرن بابت ڪنهن به مامري جي وضاحت ڪرڻ جو چيو. شماريات / آدمشماري بابت سينيٽ جي ڪميٽي آدمشماري جي انگن اکرن ۾ گهٽتائي تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آدمشماري گهٽ هجڻ ته ڪو وڏو معجزو آهي.

شماريات بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شماريات چيف آصف باجوه آدمشماري جي انگن اکرن تي اٿاريل اعتراضن کي رد ڪري ڪندي چيو ته ڳڻپ دوران هڪ هڪ ماڻهو کان تصديق ڪئي وئي، جيڪي انگ اکر شماريات کاتي وٽ آهن اُهي ساڳيا ئي انگ اکر پاڪ فوج وٽ به آهن، ٻنهي ادارن جي انگن اکرن ۾ ڪو به فرق ڪونهي. اجلاس دوران پ پ جي اڳواڻ ۽ ڪاميٽي ميمبر سليم مانڊوي والا پڇيو ته ڇا فوج ۽ شماريات کاتي وٽ انگ اکر ساڳيا آهن؟ جنهن تي آصف باجوه چيو ته فوج وٽ موجود رڪارڊ ۾ به فرق نه هوندو، فوج آدمشماري جي ساک، شفافيت ۽ سيڪيورٽي لاءِ مدد فراهم ڪئي هئي. سليم مانڊوي والا وري پڇيو ته خورشيد شاهه چوي ٿو ته فوج وٽ الڳ نتيجا آهن، جنهن تي چيف شماريات چيو ته سيد خورشيد شاهه کي پنهنجي بيان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي.

census image3

اجلاس دوران ڪاميٽي چيئرمين محسن عزيز آصف باجوه کان پڇيو ته ڪراچي جي آبادي جي حوالي سان چيو ويو ته 2 ڪروڙ آهي پر هاڻي وري چيو وڃي ٿو ته ڪراچي جي آبادي گهٽجي وئي آهي، اهو ڪيئن ٿيو، هن اهو به سوال ڪيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران ڳڻپ ڪيئن ڪئي؟ ڏکڻ وزيرستان ۾ ماڻهو موجود نه هئا ۽ گهر تباهه هئا، جنهن تي آصف باجوه چيو ته ڪراچي جا 2 ضلعا ٻهراڙي ۾هئڻ ڪري شهري آبادي گهٽ ٿي آهي. ان جي مقابلي ۾ لاهور ض:عي کي مڪمل طور شهري آبادي قرار ڏنو ويو، ان ڪري اتي آبادي ۾ وڌيڪ ظاهر ٿي آهي. وزيرستان ۾ گهرشماري بلاڪن تحت آدمشماري ڪئي وئي، اجلاس دوران ڪاميٽي ميمبرن چيو ته آدمشماري ۾ آبادي وڌڻ بدران گهٽ ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، اعتراض ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شماريات چيف چيو ته ڳڻپ دوران 20 سيڪڙو ماڻهن جا رڪارڊ نادرا کان تصديق ڪرايا ويا، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڳڻپ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، جن پاڻ کي خواجاسرا ظاهر ڪيو انهن جي ئي ڳڻپ ڪئي وئي، عملي گهرن ٻاهران عدالت نه لڳائي نه وري ڪنهن کي شڪل جي بنياد تي کدڙو ظاهر ڪيو ويو. هن چيو ته جڏهن اسان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ آدمشماري جا نتيجا پيش ڪيا ته ان وقت ڪنهن به وزير توڙي صوبي پاران اعتراض نه اٿاريو ويو هو،بعد ۾ اعتراض اٿاريا ويا آهن، اجلاس دوران ڪاميٽي آدمشماري جي نتيجن مان هڪ سيڪڙو بلاڪن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جيڪا منظور ڪئي وئي.آصف باجوه چيو ته آدمشماري تي 17 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، جڏهن ته آدمشماري جي حتمي رپورٽ اپريل 2018ع جي آخر تائين تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *