Saturday , April 20 2024

سيپڪو اختياريون ۽ پ پ ايم اين اي رفيق جمالي آمهون سامهون

۽ جڏهن دادو پوليس ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀاءُ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کُتو جواب ڏئي ڇڏيو

پيپلز پارٽي جو ايم اين اي رفيق جمالي

دادو (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) گذريل ڏينهن دادو ۾ سيپڪو عملدارن ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀاءُ سعيد جمالي وچ ۾ ٿيل تڪرار تيز ٿي ويو آهي، دادو پوليس سعيد جمالي ۽ سندس محافظن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سيپڪو عملدارن اڄ خميس 25 جولاءِ تي دادو ۾ بريڪ ڊائون جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. سيپڪو جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سرفراز ميمڻ، ايس ڊي او ڪنسٽرڪشن موجب گذريل ڏينهن سيپڪو عملدارن سعيد جمالي جي بنگلي جي ڀرسان گذرندڙ بجلي جي تارن ۽ اتي لڳل ڪجهه ميٽرز جون تصويرون ڪڍي رهيا هئا ته ان موقعي تي بااثر ۽ ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀاءُ سعيد جمالي مٿن تشدد ڪري يرغمال بڻايو هو، جن کي هنگامي طور تي ابتدائي طور ڳالهين ذريعي ڇڏايو ويو هو. هن چيو ته معاملي جو پاڻي ۽ بجلي ولاري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري نوٽيس ورتو ۽ سندس هدايتن تي سعيد جمالي ۽ سندس محافظن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻڌايو ته اربع ڏينهن جيئن دادو ٿاڻي تي پهتاسين ۽ ڪيس داخلخ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي ته پوليس ٺپ جواب ڏيندي سعيد جمالي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان ان ڪار ڪيو. هن چيو ته رفيق جمالي جي ڀاءُ سوڌو ٻين خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف سيپڪو ۽ واپڊا اڄ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري دادو ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته عوام کي تڪليف نه پهچي، اسان سليڪٽيڊ ادارن جي بجلي بند ڪنداسين.

هن چيو ته سيپڪو جي آفيسرن ۽ واپڊا هائيڊرو ايمپلائيز يونين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن دوران اڄ صبح 10 وڳي کان بجلي بند رکي ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. ان ڏس ۾ سيپڪو ترجمان هادي ڏنو شيخ ٻڌايو ته اڄ اسان پنهنجو هٿيار استعمال ڪنداسين، ڪوشش ڪنداسين ته عوام کي تڪليف نه پهچي پر ڪجهه سليڪٽيڊ ادارن جي بجلي بند ڪئي ويندي، ڇو ته پوليس ڪيس داخل نه ڪري ايم اين اي جي ڪمدار هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي، اسان جي به ڪوشش هوندي ته ڪمداري ڪندڙن کي ڪجھه سبق سيکارجي. سيپڪو اختيارين موجب گذريل ڏينهن سيپڪو جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سرفراز ميمڻ، ايس ڊي او ڪنسٽرڪشن ۽ ٻين ملازمن طرفان ميٽرز توڙي لائينز جون تصويرون ڪڍڻ دوران ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀاءُ سعيد احمد جمالي ساڻن منهن ماري ڪئي ۽ چيو ته سندس گهر اڳيان لائينز ۽ ميٽرز جون تصويرون ڇو ڪڍي رهيا آهيو. اُن موقعي تي ايم اين اي جي ڀاءُ سيپڪو عملدارن کي تشدد جو نشانو بڻايو هو.

اين اي250ننڍي چونڊ، ڪاميابي تي جيالن جو جشن – سنجهورو ۾ غربت کان تنگ عورت 4 ٻارن سميت زهر پي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *