Friday , April 19 2024

سيٺارجا ۾ بيدردي سان نوجوان قتل، ميرپور ماٿيلو ۾ گهرو اڻبڻت تان عورت ماري وئي

سيٺارجا/ميرپور ماٿيلو (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماءَ چار) سيٺار جا ڀرسان هٿياربندن نوجوان کي گهران سڏي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ميرپور ماٿيلي ۾ جوابدار پنهنجي گهرواري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس ٻنهي واقعن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪامئ. سيٺارجا ويجهو ڳوٺ نظر محمد پنهيار م نامعلوم هٿيار بندن نوجوان توفيق پنهيار کي ڪلاشنڪوف جو برسٽ هڻي سندس زندگي جو ڏيئو اجهائي ڀڄي ويا. وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدارن توفيق کي  گهران سڏي گهر جي در آڏو گولين جي بک بڻائي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. هنن چيو ته واقعي کان جلد ئي بعد ۾ پوليس کي اطلاع ڪيو، پر پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهتي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪو به قدم نه کيون، جنهن سبب جوابدار ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. نوجوان جي پيءُ احمد خان جو چوڻ آهي ته سندس پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي پر هو وقت  کان اڳ ڪجهه به نه چوندو.

ميرپور ماٿيلي ۾ 22 ورهين جي ناري کي جوابدار مڙس گهرو اڻبڻت سبب مبينا طور ڪهاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو، ناري کي اسپتال نيو ويو ، جتي ناري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. 22 ورهين جي ناري ريشمان ڀيل کي جوابدار مڙس مجنون ڀيل گهرو اڻبڻت تان ڪهاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو. وارثن ناري کي اسپتال پهچايو جتي ناري زخمن جا سور نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي وئي. مارجي ويل ناري اصل ۾ مٺي جي رهواسڻ هئي ۽ سندس شادي ميرپور ماٿيلي ۾ ٿي هئي. پوليس نه ته قتل جو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي وري جوابدار کي سوگهو ڪري سگهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *