Friday , March 29 2024

سيوهڻ ڌماڪو: وڏي وزير مراد علي شاهه سيوهڻ ۾ مناسب سيڪيورٽي نه هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

Sewhan Murad Ali Shah1

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قلندر لال شهباز جي مزار ۽ سيوهڻ شهر ۾ ڌماڪي وقت قلندر جي مزار تي گهربل سڪيورٽي نه هئڻ جو اعتراف ۽ ڌماڪي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي عضون جي بي حرمتي ٿيڻ تي شرمندگي جو اظهار ڪيو آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگرد سرحد پار کان اچي رهيا آهن، ڌماڪي بعد خوف پکيڙيندڙ به دهشتگردن جا سهولتڪار آهن، اميد ته جاچ ڪندڙ ادارا معاملي جي تهه تائين پهچي ويندا. وڏي وزير ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهرو وزير چوڌري نثار جي ڳالهين جو جواب نه ڏيندس،وڏي وزير جي حيث سان امن امان جي ذ ميواري منهنجي آهي ،آئون پنهنجي ذميواري قبول ڪريان ٿو. وڏي وزيردرگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد وقار شاهه سان ملاقات ڪري انتظامن جو جائزو ورتو . ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي ڌماڪي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ سانحي بابت معلومات ورتي. وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته ڌماڪي وقت قلندر شهباز جي مزار تي سڪيورٽي جا مناسب انتظامي نه هئا ۽ نه وري اهلڪارن جو گهربل انگ ئي مقرر ٿيل هو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڌماڪي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي عضون جي بي حرمتي ڪرڻ تي شرمندگي جو اظهار ڪندي چيو ته عضون جي بي حرمتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته دهشتگرد سرحد پار کان اچي ڪارروايون ڪن ٿا، اميد ته جاچ ڪندڙ ادارا معاملي جي تهه تائين پهچي ويندا. وڏي وزير مراد علي شاهه ڌماڪي کانپوءِ مزار جي مرمتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ زائرين ۾ لنگر به ورهايو…….

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *