Thursday , April 25 2024

سيوهڻ: چوڌري نثار ناڪام ترين گهرو وزير آهي: مراد علي شاهه

سيوهڻ: سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چوڌري نثار کي ناڪام گهرو وزير قرار ڏيندي چيو آهي ته چوڌري نثار، نواز شريف جو به خيرخواهه ناهي، پاناماليڪس ڪيس عدالت ۾ آهي ۽ عدالت ئي ان جو فيصلو ڪندي. سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ ننگر خان بروهي ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته چوڌري نثار هڪ ناڪام گهرو وزير آهي، جيڪو وزير اعظم نواز شريف جو به خيرخواهه ناهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاناماليڪس ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ۽ عدالت ئي ان جو فيصلو ڪندي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي شڪست ڏينداسين. سيد مراد علي چيو ته سنڌ ۾ آدمشماري جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏني پئي وڃي، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪندس. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري گهڻي آهي ۽ نوڪريون گهٽ آهن، نوجوانن کي روزگار لاءِ انڊسٽرين جو به رخ ڪرڻ گهرجي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *