Thursday , April 25 2024

سيوهڻ سانحي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري

sewhan protest1

سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي خلاف متلف سياسي، سماجي تنظمين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، احتجاج ڪندڙن مذهبي انتهاپسندي خلاف نعري بازي ڪري ڌماڪي جي مذمت ڪئي. سيوهڻ سانحي خلاف باڊهه ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. نئون ديرو ۾ جسقم پاران سيوهڻ سانحي خلاف الله واري چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي، خيرپور، لاڙڪاڻو، سکر، لالو رائنڪ ۽ حيدر آباد سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاجي مظاهرا ڪندڙن جو چوڻ هو ته درگاهن، مسجدن ۽ درگاهن تي بم حملا ڪندڙ انسانيت جا دشمن آهن، سنڌ ۾ آپگهاتي ڌماڪا پرامن ماحول کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن کي سنڌ واسي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هنن چيو ته دهشتگرد اهڙيون ڪارروائيون ڪري سنڌ جي انسانيت سان محبت، مذهبي رواداري ۽ پرامن سنڌ جو اصل صوفياڻو چهرو بگاڙيو پيو وڃي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جو ڪارڻ بڻجندڙن خلاف بنا ڪنهن متڀيد جي ڪارروايون ڪري انتهاپسندي جو خاتمو آندو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *