Thursday , April 25 2024

سينيٽ چيئرمين سنڌ مان سياسي ڪارڪن جي زبردستي گمشدگين تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

raza-rabbani-1sasuai palejo01

سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سنڌ مان مختلف سياسي پارٽين جي زبردستي گم ڪيل ڪارڪنن واري معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته، ڪنهن به شهري کي گم ڪري ڇڏڻ آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو الزام به آهي ته ان کي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻ آئيني ۽ قانوي ضرورت آهي. ماڻهن کي گم ڪرڻ وارو سلسلو بلوچستان کان شروع ٿيو ۽ هاڻي سنڌ ۾ انتهائي سنگين ٿي ويو آهي.

سينيٽ جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي پ پ سينيٽر سسئي پليجو پاران معاملو اٿاريو، سسئي پليجو چيو ته، ان کان اڳ سينيٽر سسئي پليجو به لاپتا ماڻهن واري معاملي تي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته پنهل ساريو سميت 35 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فرحت الله بابر انساني حقن واري ڪاميٽي ۾ به اهو معاملو اٿاريو آهي پر صرف ڳالهين سان اهو مسئلو حل نه ٿيندو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو آڏو به اهو معاملو اٿاريو آهي. سنڌ حڪومت ۾ سنجيدگي سان ان مسئلي کي ڏسي رهي آهي پر ڪجهه ادارا ۽ ايجنسيون سنڌ حڪومت جي ماتحت ناهن. هن چيو ته عدالتون آزاد آهن، ملڪ ۾ جمهوريت آهي، جيڪڏهن ڪو رياست جي خلاف ڪم ڪري ٿو ته ان تي ڪيس هلايو وڃي.سنڌ ته پاڪستان جي قرارداد آندي، اڄ به محب وطن آهيون. هن هڪ ٻئي رٿ تي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پنجاب جا 4 ميمبر مقرر ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. پاڪاڻ ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سڀني صوبن جي برابر نمائندگي هجڻ گهرجي پر وزيراعظم 153 آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. تنهن ڪري ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. سينيٽر عاجز ڌامراهه لاپتا ماڻهن واري معاملي تي بحث ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پنهل ساريو سميت ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن کي لاپتا ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ ان معاملي تي سخت ڳڻتي آهي. هن چيو ته لاپتا ٿيندڙ سياسي ڪارڪن اسان جا سخت سياسي مخالف آهن پر اهي انسان هن ملڪ جا شهري آهن، تنهن ڪري انهن به اهڙي طرح لاپتا ڪرڻ قانون ۽ آئين جي خلاف آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *