Friday , April 19 2024

سينيٽ چونڊون، پنجاب مان پي ٽي آءِ جو چوڌري سرور کٽي ويو، ڪي پي مان سميع الحق هارائي ويو ۽ پ پ جا 2 اميدوارڪامياب

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز) سينيٽ جي چونڊن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين ۾ 3 وڏا اپ- سيٽ ٿيا آهن. ڪي پي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جو نامزد اميدوار جي يو آءِ (س) جو سربراهه ۽ تحريڪ انصاف جي ويجهي ساٿي مولانا سميع الحق کي ناڪامي ٿي آهي. مولانا سميع الحق کي رڳو 3 ووٽ ملي سگهيا آهن. ٻي طرف سينيٽ جي چونڊڻ ۾ پنجاب اسيمب لي ۾ به ن ليگ کي وڏو چچڪو لڳو آهي. پنجاب ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ پنجاب جو اڳوڻو گورنر چوڌري سرور سينيٽر چونڊجي ويو آهي. پي ٽي آءِ جي اميدوار چوڌري سرور کي پنجاب م،ان سڀ کان وڌيڪ ووٽ به مليا آهن. جنهن تي ن ليگ ۾ وڏي ڪاوڙ پکڙيل آهي.چوڌري سرور کي سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ گهربل 40 ووٽن بدران 44 ووٽ مليا، جنهن تي پي ٽي آءِ ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.

ڪي پي اسيمبلي ۾ وري هڪ ٻيو وڏو اپ – سيٽ اهو به ٿيو آهي ته، خيبر پختونخواه اسيمبلي مان پاڪستان پيپلز پارٽي جا 2 سينيٽرز چونڊجي ويا آهن، جتي وري پي ٽي آءِ کي پريشاني وڪوڙي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *