Friday , April 19 2024

سيد قائم علي شاهه جو به نيب ۾ کاتو کُلي ويو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شاهه جو به نيب ۾ کاتو کُلي ويو آهي، نيب کيس نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. قائم علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته، کيس نيب نوٽيس جاري ڪري طلب ڪيو آهي. هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيوآهي ته، ”نيب مونکي نوٽيس جاري ڪيو آهي ته، مان پنهنجي وڏي وزارت دوران اختيارن جو غلط استعمال ڪندي ملير ندي ۾ سرڪاري زمين الاٽ ڪري خزاني کي  ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو، پر اها لاٽمينٽ رد به ڪئي وئي هئي“. قائم علي شاهه عدالت کي درخواست ڪئي  آهي ته سندس ضمانت منظور ڪري نيب کي روڪيو وڃي ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي. قائم علي شاهه جو اهو به چوڻ آهي ته، نيب پيپلزپارٽي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، نيب جو ڪال اپ نوٽيس به سياسي انتقام جي برابر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *