Friday , April 19 2024

سياستدان هڪٻئي تي الزام تراشين کان پاسو ڪري تعليم ۽ صحت جي مسئلن تي ڌيان ڏين

ڪراچي(سنڌسماءَچار   مانيٽر نگ ڊيسڪ) نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي چيو آهي ته سندس سياست ۾ اچڻ يا وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو به شوق ناهي ڇاڪاڻ ته اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، سياستدانن کي هڪٻئي تي الزام هڻڻ بدران تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. برطانوي خابرو اداري بي بي سي ۽ روئٽرز کي انٽرويو ڏيندي ملالا يوسفزئي چيو ته 11  ورهين جي ڄمار ۾ سندس خواهش هئي ته هو وڏي ٿي وزيراعظم ٿيندي ته جئين هو ملڪ جا مسئلا حل ڪري سگهي، پر اها حقيقت نه پر هڪ ڏکيو ڪم آهي. هن چيو ته هو پاڪستان جي سياست تي نظر رکي ٿي ملڪي سياستدانن کي پنهنجي ترجيحن ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سياست ۾ تعليم ۽ صحت جهڙن مسئلن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي.

سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽيون هڪٻئي تي الزام هڻڻ ۾ رڌل آهن، سياستدانن کي تعليم ۽ صحت تي ڳالهائڻ گهرجي جيڪو شهرين جو بنيادي حق آهي. اڄ جو پاڪستان 2012 واري پاڪستان کان مختلف آهي، هو ملڪ ۾ امن قائم ٿيڻ تي تمام گهڻي خوش آهي. نوبل انعام يافتا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلي رهيا آهن ۽ ملڪي معيشت اڳ کان بهتر آهي جنهن ۾ عورتون به وڏي انگ ۾ ڀائيواري جون شريڪ آهن.هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا ميدان آباد ٿيڻ تي خوش آهي، پي ايس ايل ۾ هن پشاور زلمي جي حمايت ڪئي پر اسلام آباد ڪاميابي جي حقدار هئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *