Thursday , March 28 2024

سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ جي شهيدن کي سلام_ منان چانڊيو

soreh badshah2

سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ کي سلام _ منان چانڊيو

اڄ کان مني صدي ۽ قيام پاڪستان کان چار سال اڳ 20 مارچ 1943ع تي حُر تحريڪ جي روح روان.انگريز سامراج خلاف وطن يا ڪفن.آزادي يا موت جي نعري تحت قومي ويڙھ وڙھندڙ صبغت الله عرف ورهيه بادشاھ کي گوري حڪومت ڦاھي تي چاڙھي سندس لاش کي هميشا لاءِ غائب ڪري ڇڏيو.

اسين ننڍڙائپ کان پنھنجي وڏڙن واتان ٻڌھندا ھُئاسين ته سنڌ کي بيٺڪيت بنائيندڙ انگريزن خلاف پير پاڳارو ۽ سندس مريد حُر فقير پنھنجي ماتر ڀومي جي آزادي لاءِ وڏي بھادري ۽ ھوشياري سان جنگ لڙي رھيا ھُئا. ان ويڙھ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ حُر فقيرن کي پنھنجي ڪٽنبن سميت انگريز سرڪار گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري مٿن بغاوتن.قتلن ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ جتي موت جون سزائون ڏنيون وينديو ھيون اُتي وري ھُنن کي لوڙھن اندر واڙيو ويندو ھُئو. اھڙن بندي خانن کي حُر ڪوٽ يا حُر ڪئمپ به سڏيو ويندو ھُيو. ان قسم جا لوڙھا.ڪوٽ يا ڪئمپون سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ قائم ٿيل ھونديون ھيون.جن مان ھڪ حُر ڪئمپ تعلقي وارھ. يوسي ميرپور.تپو حمل.ديھ نانگ دڙو. وارھ شھر کان ٻارنھن تيرنھن ڪلو ميٽر اولھ طرف حمل وارھ سڙڪ.

soreh badshah3

(ھاڻي روڊ) ڀرسان قائم ٿيل ھُئي. ان جون نشانيون مون پڻ پنھنجي اکين سان ڏٺيون ھُيون. خير اُھا ته چار ڏھاڪا اڳ جي ڳالهه ھُئي، پر جڏھن آءُ 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران رضاڪارانه طور گرفتاري ڏئي پھريون ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو ۽ پوءِ سينٽرل جيل سکر پھتس ته اُتي جيل جي لائبريري مان سنڌ جي ھڪ قومي ۽ عوامي سوچ رکندڙ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي جي تحرير ٿيل ناول سانگھڙ پڙھڻ جو موقعو مليو. ان مان ورهيه بادشاھ ۽ سندس حُر تحريڪ واري قومي ويڙھ جي اصل سببن بابت ڪافي ڄاڻ ملي. ھونئن ته عام طور تي چيو ويندو آھي ته سرزمين سنڌ پيرن.فقيرن.درويشن جي ڌرتي آھي. جيڪي الله لوڪ ماڻھو. مٺ. محبت. حق.انصاف ۽ عبادت الاھي. جو درس يا سبق خلق خدا کي ڏيندا ھُئا ۽ ھاڻي به ڏيندا پيا اچن پر انھن مان ڪيترا اھڙا به عظيم انسان ٿي گذريا آھن جيڪي روحاني رمز، ذڪر ۽ فڪر واري حق جي واٽ تي پنھنجي پوئلڳن کي ھلڻ جي تلقين ۽ ھدايت ڪرڻ کانسواءِ پنھنجي وطن.قوم ۽ عوام کي قومي ۽ طبقاتي ڦر لٽ ۽ جبر خلاف اٿي کڙا ٿي سينا سپر ڪري حق ۽ سچ جي ميدان تي ڪُڏي ڪاھي پوڻ يا نڪري نروار ٿيڻ جا پڻ گس ۽ ڏس پنڌ ڏسيندا ۽ ڏيندا ھُئا. اھڙن قومي ھيرن مان جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو ڏيندڙ صوفي شاھ عنايت شھيد ۽ ورهيه بادشاھ پڻ ھُئا. جن نه صرف پنھنجي مريدن.فقيرن کي حقوق الله جي واٽ تي عمل پيرا ٿيڻ جي ھدايت ڪئي پر پنھنجي وطن.قوم ۽ عوام تي پرڏيھي سامراجن ۽ انھن جي ڏيھي دلالن جي ظلم.ستم ۽ ڏاڍ ڏمر خلاف مھاڏو اٽڪائڻ جا پڻ بھادرانه ڪارناما سرانجام ڏيندي پاڻ کي سرزمين سنڌ تان قربان ڪندي هميشا لاءِ امر ٿي تاريخ جو حصو بنجي ويا.

پاڻ ورهيه بادشاھ ۽ ان جي حُر تحريڪ جو جائزو وٺنداسين ته 19ھين صدي جي ٻئي ڏھاڪي ۾ پير پاڳارو خاندان جي ھڪ بزرگ سيد محمد شاھ راشدي جي چوڻ تي سنڌ جا ڪيترائي ماڻھو ھُن جا مريد ٿيا ۽ ھُن مجاھد فورس ٺاھي سيد احمد شاھ شھيد جي مدد لاءِ افغانستان ۽ سرحد جي پھاڙن ۾ وڃي سکن سان وڙھيا. اُتان واپسي بعد پير پاڳارو جي مريدن گڏجي حُرن جي ھڪ جماعت ٺاھي جيڪا اڳتي ھلي حُر فورس جي نالي سان مشھور ٿي. اُھي ماڻھو پنھنجي مرشد تان جان مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ  ھر وقت تيار ھوُندا ھُئا. ڏٺو وڃي ته 19ھين صدي جي آخر ۽ 20ھين صدي جي شروعات ۾ سنڌ اندر حُرن جون 2 وڏيون بغاوتون ٿيون جن وقت جي حُڪمرانن ۽ حڪومتن کي لوڏي ڇڏيو. پھرين بغاوت ڪجھ سالن تائين مسلسل ھلندي نيٺ ماٺاري ٿي وئي ان ۾ ڪن مشھور حُر ويڙھاڪن جا نالا مشھور ٿيا جن ۾: بچو بادشاھ. گلو گورنمينٽ ۽ پيرو وزير وغيره ھُئا. ان بغاوت کي انگريز سرڪار جي ھڪ آفيسر ليوڪس. ھڪ حڪمت عملي. چالاڪي ۽ سختي سان ڪچليو ۽ اُن دوران سانگھڙ ۽ مُکي ڍنڍ جي آس پاس وارن علائقن ۾ انگريز سرڪار حُرن جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ڪجھ بلوچ قبيلن کي بلوچستان مان گُھرائي اچي آباد ڪيو. انھن قبيلن ۾ نواب اڪبر بگٽي جا وڏا خاص طور تي شامل ھُئا. جن کي نه صرف حُرن جون زمينون ۽ مال ملڪيت ڏنا ويا پر کين اُھا زميواري پڻ ڏني وئي ته ھُو حُر تحريڪ ۽ حُرن جون جاسوسيون ڪري ۽ انھن کي پڪڙي انگريز سرڪار جي حوالي ڪن ته کين في حُر تي 10 رپيا انعام ڏنو ويندا. چون ٿا ته اھڙي انڌي لالچ ۾ اچي بگٽين گھٽ ۾ گھٽ 88 حُرن کي ڦاھيون ڏياري پنھنجي آقائن کان 880 رپيا انعام عرف ڀاڙ حاصل ڪئي.

حُر تحريڪ ۽ حُرن جي ٻئي وڏي ويڙھ گوري سرڪار خلاف ٻئي جنگ عظيم دوران ٿي. اُن ويڙھ يا بغاوت ۾ پڻ مٿي ڄاڻايل نالا سرگرم رھيا. ۽ ان کانسواءِ رحيم ھنڱورو به ان ويڙھ جو اھم ڪردار رھيو. ھيءُ اُھو وقت ھُيو جڏھن انگريزن کي سڄي دنيا ۾ دشمن فوجن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو ھُئو. مثال طور تي يورپ ۾ جرمن فوجن ۽ مشرق ۾ جپاني فوجون تمام تيزي سان وڌي رھيو ھُيو ايتري قدر جو جپان برمان کي فتح ڪري آسام جي جبلن وٽ اچي پھتو. ساڳئي وقت ھندستان ۾ پڻ سباش چندر پوش جي اڳواڻي ۾ ھندستان جي ھڪ آزاد فوج جنم وٺي چُڪي ھُئي اھڙي صورتحال ۾ انگريز حڪومت سنڌ جي حالتن کي تمام گھڻو خطرناڪ سمجھيو ۽ حالتن تي نظر رکڻ جو جائزو وٺندي فوج جي ھڪ ڪور کي سنڌ آندو ۽ سنڌو درياھ جي کاٻي پاسي تي پھريون ڀيرو مارشل لا لاڳو ڪيو جنھن جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل رچرڊسن کي بڻايو ويو ۽ سنڌ جي باغين ۽ بغاوت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھوائي فوج جا دستا پڻ استعمال ڪيا ويا. حُر بغاوت کي ڪُچلڻ لاءِ ٿر اندر ڪئين جھاز لاٿا ويا. ان حُر بغاوت دوران گاديءَ تي ڇھون پير پاڳارو صبغت الله راشدي ويٺل ھُئو.ھُن جا انگريز سرڪار سان تعلقات شروع کان ئي ڪشيده ھُئا انڪري سال 1928ع ۾ انگريز فوجين پير جي ڳوٺ تي ڇاپو ھنيو ان ڇاپي دوران ھٿيار ھٿ ڪيا ويا ۽ ھڪ نوجوان کي ھٿ ڪيو ويو جنھن لاءِ چيو پئي ويو ته ھُن کي پير صاحب ھڪ پيتي اندر قيد ڪري رکيو ويو ھُئو. ان الزام ۾ پير صاحب تي سکر ۾ ڪيس ھلايو ويو. ڪيس جي پيروي لاءِ ھُن جناح صاحب کي پنھنجو وڪيل مقرر ڪيو. بھرحال ان (پيتي ڪيس) ۾ اڳ واٽ طئہ ٿيل فارمولي موجب اسپيشل ڪورٽ جي مئجسٽريٽ اڌارام پير صاحب کي 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي. پير صاحب کي ان دوران ھندستان ۽ بنگال جي ڪيترن ئي جيلن ۾ رکيو ويو.جتي ھُن جا بنگالي قومپرستن سان تمام بھتر لاڳاپا رھيا ۽ انھن بنگالي سياسي قيدين کان ھُو تمام گھڻو متاثر ٿيو.

soreh badshah1

پير پاڳاري کي وري ھڪ ڀيرو ٻيھر گرفتار ڪري ھندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. ھُن جي گرفتاري کانپوءِ حُرن وڌيڪ بغاوتون شروع ڪري ڏنيون ۽ ھُنن جي نشاني تي سرڪاري ملڪيتون ۽ اھم دفتر ھُئا. انڪري انگريزن کي اُھو انديشو ٿيو ته ڪٿي سندن (گوري سرڪار) جي وفادار ماڻھن ۽ سرڪاري اعلي عملدارن تي حُر مجاھد حملا ڪري جاني نقصان نه پھچائين. ان ڳڻتي ۽ خوف ڪري انگريز سرڪار پير صاحب تي تڪڙو ڪيس ھلائي ان کي ڦاھي تي چاڙھڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. آخرڪار ورهيه بادشاھ تي انگريز خلاف بغاوت ۽ ماڻھو مارائڻ جا ڪيترائي الزام مڙھي موت جي سزا ٻڌائي ان تي 20 مارچ 1943ع تي عمل ڪراچي ڇڏيو. اھڙي ريت پير پاڳارو ۽ سندس ھزارين حُر مجاھد پنھنجي ننگن ۽ دنگن تان سر گُھور ڪري هميشا لاءِ امر بنجي ويا. اسان کي جتي ورهيه بادشاھ ۽ سندس حُر تحريڪ جي جوڌن جوانن جي عظيم ۽ تاريخي قرباني تي فخر آھي.اُتي وري افسوس اُن ڳالهه جو آھي ته اڄ کان ڪيترائي ڏھاڪا اڳ سنڌ جا سردار.ڀوتار.پير.مير پنھنجي وطن.قوم.عوام جا ويري بنجي انگريز سامراج جي دلالي ڪندي پاڻ کي اتمُ اعلي محسوس ڪرائيندا ھُئا اڄ به انھن جي نسل وارا ھمراھ پنھنجي ڪوڙي آڪڙ.موتبرائپ ۽ انا خاطر ساڳي راھ تي رمي رھيا آھن.

اسان آخر ۾ ورهيه بادشاھ جي پوٽي ۽ سندس نالي واري شخصيت موجوده پير پاڳاري کي التجا ٿا ڪيون ته ھُو پنھنجي وڏڙن جي وطن.قوم.عوام دوستي.۽ حب الوطني واري سچي ۽ حق جي راھ تي گامزن ٿي موجوده دور جي غاسبن. ظالمن ۽ لُٽيرن کان سنڌ ۽ سنڌين جي نجات لاءِ پنھنجو ڀرپور ۽ مسبت ڪردار ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *