Thursday , March 28 2024

سن ڀرسان نوجوان ۽ نينگر حادثي ۾ فوت ٿيا يا قتل ڪيا ويا؟؟

سيوهڻ / سن( خاص نمائندا سنڌسماءَچار) سن ويجهونوجوان ۽ نينگر جين وارو معڳاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي،نينگر حميد لُهر جي والد چيو آهي ته ٻئي ڄڻا حادثي ۾ فوت نه پر کين قتل ڪيو ويو آهي، ساڻن گڏ موجود شخص کي رهنڊو به ناهي آيو، لال بخش لُهر چيو آهي ته گذريل ڏينهن منجهند هڪ وڳي آخري ڀيرو پٽ سان رابطو ٿيو، جنهن کانپوءِ سندس موبائل فون لاڳيتو بند ملي رهيو هو، واقعي بعد سندس موبائل فون ته ملي آهي پر ان مان سم گم آهي، حادثي ۾ بچي ويل ٽئين شخص سبحان بالادي موجب پل وٽ معمولي حادثي بعد فوتي حميد ۽ نذير گاڏي مان ٻاهر نڪتا ته هڪ ڪلاڪ بعد ٻنهي ڄڻن جا پل وٽان لاش مليا، آچر ۽ سومر جي وچ واري رات اڍائي وڳي ڪار حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

سن ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ڄاڻايل ٻن ڄڻن وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو،  حادثي ۾ فوت ڄاڻايل نينگر حميد لُهر جي والد واقعي کي قتل قرار ڏئي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. لڪي شاهه صدر وٽ گذريل ڏينهن هڪ وڳي ڪار حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا نينگر حميد لهر ۽ نظير ڀٽو فوت ٿي ويا، ساڻن ڪار ۾ موجود سبحان کي رهنڊ به نه آئي هئي. حادثي ۾ بچي ويل ٽئين شخص سبحان بالادي جو چوڻ آهي ته پل وٽ معمولي حادثي بعد فوتي حميد ۽ نذير گاڏي مان هٺ لهي ٻاهر نڪتا ته هڪ ڪلاڪ بعد ٻنهي ڄڻن جا پل هيٺان لاش هٿ آيا. نينگر حميد لُهر جي والد لال بخش لهر واقعي کي قتل قرار ڏئيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن منجهند هڪ وڳي آخري ڀيرو پٽ سان رابطو ٿيو، جنهن بعد سندس نمبر لاڳيتو بند رهيو. هن چيو ته واقعي بعد کيس پٽ جي موبائل فون ڏني وئي جنهن مان سم گم آهي. نينگر جي والد مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *