Thursday , April 25 2024

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ 445 کان وڌي ويو: سنڌ حڪومت جا ذريعا

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ 445 کان وڌي ويو: سنڌ حڪومت جا ذريعا

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 445 کان وڌي ويو آهي، صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سکر قرنطينا سينٽر  ۾ڪرونا متاثرن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي، سنڌ حڪومت پاران سکر ۾ قائم ڪيل قرنطينا سينٽر ۾ هن وقت به  320 کان وڌيڪ متاثر موجود آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار کي سنڌ جي صحت کاتي جي ذريعن کان مليل معلومات مطابق صوبي ۾ مجموعي طور تي ڪرونا وائرس جي متاثرن جو انگ 445 کان وڌي چڪو آهي، جنهن ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو. ذريعن موجب سکر ۾ ڇنڇر ڏينهن شام جو ستين وڳي تائين تصديق ٿيل ڪرونا ڪيسز جو تعداد 320 هو جنهن ۾ رات دير سان اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وڌيڪ تصديق ٿيل ڪيسز ۾ ڪراچي واسي به شامل آهن. هن وقت تائين سنڌ ۾ مجموعي طور تي ڪرونا جي شڪ ۾ 2 هزار 700  ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد انهن جا طبي چڪاس لاءِ سمپلز به پرتا ويا آهن، جن ۾ حڪومتي اختيارين پاران تصديق ڪيل متاثرن جو انگ مجموعي طور تي 396 ظاهر ڪيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ 445 کان به وڌيڪ آهي، امڪان اهو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ايندڙ اسڪريننگ ڪيل ساڍا ستاويهه سئو رپورٽس جا انگ اکر 48 ڪلاڪن دوران ظاهر ڪيا ويندا، سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب هيل تائين اسڪيرننگ ڪيل ماڻهن مان 31 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪرونا آهي، ڇو ته هن وقت تائين سامهون آيل ڪيسن ۾ جيڪي به ڪرونا واريون نشانيون هونديون آهن، اهي نشانيون / علامتون انهن 31 سيڪڙو ماڻهن ۾ آهن، انهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ به ڪرونا جي مريضن جو وڏو انگ موجود هجڻ جو خدشو آهي.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا سرڪاري انگ اکر

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سکر ۾ وڌيڪ 89 ماڻهن کي ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۽ مختلف صوبن ۾ به ڪيسن واڌ جو سلسلو جاري آهي، ملڪ اندر مجموعي ڪيسن جو انگ 666 ٿي ويو. سنڌ جي صحت جي صوبائي وزير عذره فضل پيچوهو چيو آهي ته صحت کاتي طرفان صوبي ۾ هيل تائين 2700 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن مان 357 ڪيس سامهون آيا آهن، سکر ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 255 ۽ ڪراچي ۾ 101 ٿي ويو، حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻي کي وائرس جي تصديق ٿي هئي، جيڪو مريض صحتياب ٿي چڪو آهي. ايران کان ايندڙ زائرين کي سکر ۾ آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي، صوبائي وزير چيو ته 60 ڪيس مقامي سطح تي منتقل ٿيڻ جي ڪري سامهون آيا آهن، مقامي سطح تي ڪيسن وڌڻ ڪري ڪافي پريشاني ٿي رهي آهي، ان ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ماڻهن کي 14 ڏينهن تائين هڪٻئي کان پري رهڻ گهرجي. پنجاب ۾ 137، بلوچستان ۾ 104، خيبرپختونخوا ۾ 27، اسلام آباد ۾ 10، گلگت بلتستان ۾ 30 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا سٽيل 5 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *