Friday , April 19 2024

سنڌ ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 361 ڪيس ظاهر، ڪراچي شهر جي صورتحال وڌي خراب ٿيڻ لڳي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا جي صورتحال تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي، 24 ڪلاڪن دوران 361 نوان ڪيس ظاهر،مريضن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن جو واسطو ڪراچي شهر جي رهواسين صرف ڪراچي شهر سان آهي، ڪراچي ڏکڻ ضلعو وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ بعد ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرائڻ سبب ڪرونا جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سنڌ ۾ ڪرونا جي صورتحال بابت 30 سيپٽمبر جي جاري ڪيل رپورٽ موجب، سڄي سنڌ ۾ هڪ ڏينهن دوران 361 ڪيسز ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه موجب ڪرونا جي ظاهر ٿيل نون ڪيسز مان 249 ڪيس صرف ڪراچي جا آحن، جن ۾ ڪراچي ڏکڻ  ضلعي اندر 85 ماڻهن کي ڪرونا جي تصديق ٿي آهي، ڪراچي اولهه ۾ 66، سينٽرل ض:عي ۾ 37، ملير ۾ 36، ڪورنگي ضلعي ۾ 17، ڪراچي اوڀر ضلعي ۾ ڪرونا جا 8 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن. وڏي وزير جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق، بدين ۾ 19، حيدر آباد ۾ 12، دادو ض:عي ۾ ڪرونا جا وڌيڪ ست ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح گهوٽڪي ۾ 6، ڄامشورو ۾ 6 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن، ميرپورخاص ۾ 3، نوشهروفيروز، قمبر، لاڙڪاڻي، سکرضلعن ۾ ڪرونا جا ٻه ٻه نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *