Thursday , April 25 2024

سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف ايس يو پي پاران احتجاج جو سلسلو جاري

ٺل ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرن جو سلسلو هلندڙ آهي، ايس يو پي جي سڏ تي ٺل ۾ پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ انهن جي آبادڪاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪارڪنن ڊاڪٽر دودو مهيري، روشن ٻرڙو، جمال جوش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان رهبر چوڪ تائين مارچ ڪيو . ان موقعي تي ميڙ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پ پ ۽ جماعت اسلامي گڏجي ڪري سنڌ ۾ ترسيل غير مقامي ماڻهن توڙي پرڏيهين کي آباد ڪرڻ جي سلسلي ۾ انهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرائي رهيون آهن ۽ نادرا کي پڻ حڪم ڏنا ويا آهن. هنن چيو ته اهڙي عمل خلاف سنڌ جا سمورا رهواسي گڏجي انهن جي رستا روڪ ڪندا. هنن مطالبو ڪيو ته ٻاهرين ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *