Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي موتمار هڙتال جاري

دادو(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي  مسيحائن جي موتمار هڙتال جاري آهي، دادو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن هڙتال جو جواز ڄاڻائي علاج لاءِ سول اسپتال آندل ٻارڙي جي حياتي بچائڻ کان کيس مري وڃڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، جيڪو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن آڏو زندگي جي جنگ هارائي ويو. ٽن ڏينهن دوران دادو اسپتال ۾ ٻه ٻارڙا ۽ هڪ عورت زندگي جي جنگ هارائي ويٺا آهن، سکر ۾ به هڪ ٻارڙو فوت ٿي چڪو آهي، سڄي سنڌ ۾ بي پهچ ماڻهو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل آهن. سول اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل ڦلجي اسٽيشن جي ڳوٺ ابراهيم ڪچي واسي نادر علي عباسي جو 9 مهينن جو پٽ دانش رت جي گهٽتائي ۽ ڇاتي جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو. ساڳئي ئي وارڊ ۾ 7 مهينن جو ٻارڙو علاج نه ٿيڻ جي ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا ٻارڙي جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سول اسپتال جي ٻارن جي وارڊ ۾ ڇاتي جي تڪليف سبب 22 کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن، بيڊ گهٽ هجڻ ڪري هڪ هڪ بيڊ تي 3-3 ٻارڙا پيل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرز به ٻارن جو علاج ڪرڻ ۾ دلچسپي نه وٺي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *