Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 52 سيڪڙو تائين پهچي وئي، فصل تباهه

سکر ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 52 سيڪڙو تائين پهچي وئي، گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 34 هزار 817 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار 817 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبپاشي عملدارن موجب سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 29 هزار 250 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار  150 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.عملدارن  چيو ته سکر بئراج مان نڪرندڙ روهڙي ڪئنال ۾ 9 هزار ڪيوسڪ، خيرپور ايسٽ ۾ هڪ هزار 150 ڪيوسڪ ۽ خيرپور ويسٽ ۾ 950 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪري پيو.آبپاشي عملدارن موجب اين ڊبيلو سي، رائيس ۽ دادو ڪئنال بند آهن. تربيلا  جي ليول 1386 ڏهائي 36 تائين پهچي وئي آهي، تربيلا ۾ پاڻي جي آمد 39 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ٻي طرف سنڌ جي ڪئنال ۽ بئراج سسٽم ۾ موجود پاڻي جيڪو مهيا ڪيو پيو وڃي ان تي وري بااثر زميندار پاڻي چوري به ڪري رهيا آحن. اهڙيون شڪايتو سڄي سنڌ مان ملي رهيون آهين، جن جو ازالو ڪرڻ لاءِ زراعت کاتي سميت ڪنهن به اختياري جي ڪن تي جونءَ نه پئي چري. زراعت کاتو ته اهڙين شڪايت تي مورڳو ڌيان ڏيڻ جي لاءِ به تيار ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *