Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ هڪ ڏينهن اندر ڪرونا وگهي 35 ماڻهو فوت، مريضن جو انگ 67 هزار 353 ٿي ويو

سنڌ ۾ هڪ ڏينهن اندر ڪرونا وگهي 35 ماڻهو فوت، ڪراچي کانپوءِ ڪرونا سبب خيرپور ضلعو وڌيڪ متاثر

سنڌ ۾ ڪرونا متاثر مريضن  جو انگ وڌي مريضن جو انگ 67 هزار 353 ٿي ويو

ڪرونا کان بچڻ لاءِ الله جو آسرو آهي، هاڻي عوام پاران وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي: وڏو وزير

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪرونا جي وبا تيزي سان حياتيون ڳڙڪائڻ لڳي، سنڌ ۾ هڪ ڏينهن اندر 35 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪرونا جي ڪيسن ظاهر ٿيڻ ۾ ڪراچي کانپوءِ خيرپور ضلعو وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هيل تائين  فوتين جو انگ وڌي هڪ هزار 48 ۽ 2 هزار 190 نوان ڪيس ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ مجموعي طور انگ 67 هزار 353 ٿي ويو آهي. وڏي وزير سيند مراد علي شاهه پاران سنڌ ۾ ڪرونا جي 24 ڪلاڪن واري جاري ڪيل رپورٽ موجب مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرونا جي 1627 مريضن مان 700 مريضن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 116 مريضن کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهي. وڏي وزير جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق صرف ڪراچي ڊويزن جي 6 ضلعن ۾  هڪ ڏينهن  دوران ڪرونا جي مريضن جو مجموعي انگ هڪ هزار 315 ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرونا جا مريضن ڪراچي اوڀر ۾ 360،  ڪراچي ڏکڻ ۾ 346، ملير ضلعي ۾ 185 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري انگن اکرن مطابق ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ ڪرونا جا 165، ڪورنگي ۾ 119 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. راڄڌاني شهر ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪرونا جي مريضن ۾ واڌ اچي رهي آهي، خيرپور ضلعي اندر 123، حيدر آباد 111، گهوٽڪي ضلعي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 79 ۽ سکر ۾ 76 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. رپورٽ موجب ميرپورخاص ض:عي ۾ 33، لاڙڪاڻي ۾ 31، نوشهروفيروز ۾ 30، دادو ضلعي ۾ 28 ڄڻن جي ڪروونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، سانگهڙ ۾ 16،  شهيد بينظيرآباد ۾ 12، ڪشمور ضلعي ۾ 11، ڄامشوري  ۾ 8، بدين ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 6-6 ڪرونا جا نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سجاول ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 5-5، جيڪب آباد 3، ٺٽي ۾ 2 مٽياري ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ڪيو ويو آهي.

ڪرونا جي وبا چوٽ چڙهيل، انڊس اسپتال 300 ملين رپيا  ملڻ باوجود ڪرونا جي مريضن لاڊ در بند ڪري ڇڏيا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *