Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ ن ليگ جا اڳواڻ سرڪاري گاڏيون استعمال ڪرڻ لڳا، جاچ شروع

ڪراچي (اصغر آزاد) جهڙي ريت سنڌ حڪومت جي لڳ ڀڳ سمورن کاتن جون ڪيتريون ئي گاڏيون پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، بااثر ماڻهن ۽ ٻين جي استعمال ۾ آحن اهڙي نموني سنڌ ۾ وفاقي وزارتن جي انتظامن هيٺ مختلف کاتن جون گاڏيون وري نون ليگ جا اڳواڻ استعمال ڪري رهيا آهن.

سنڌ ۾ نون ليگ سنڌ جا ڪيترائي اڳواڻ مختلف وفاقي کاتن  جون گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن، سرڪاري گاڏين جو سمورو خرچ به لاڳاپيل کاتا برداشت ڪري رهيا آهن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب پاڪستان مسلم ليگ نون سنڌ جا ڪجھ اڳواڻ وفاقي ادارن جون گاڏين استعمال ڪري رهيا آهن.

اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، وفاقي سرڪار جي مختلف وزارتن جي انتظامن هيٺ کاتن خاص طور تي پاڪستان ڪسٽمس، ڪي پي ٽي، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان اسٽينڊرس ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي، ايڪسپورٽ پروسيسنگ اٿارٽي، ايف بي آر سميت مختلف کاتن جون گاڏيون نون ليگ جا اڳواڻ استعمال هيٺ آهن. وفاقي وزارتن جي مختلف کاتن جون اُهي گاڏيون جيڪي نون ليگ سنڌ جي بااثر ماڻهن جي استعمال ۾ آهن انهن جي فيول/سي اين جي/پيٽرول/ ڊيزل به لاڳاپيل کاتا ئي برداشت ڪري رهيا آهن. ڪجھ گاڏيون ڊرائيورز سميت پاڪستان مسلم ليگ نون سنڌ جي استعمال هيٺ آهن.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ٻن وفاقي ادارن سرڪاري گاڏين جي غير قانوني استعمال واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ ابتدائي طور تي انهن گاڏين جي استعمال، لوڪيشن وغيره سميت ٻي لاڳاپيل معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *