Tuesday , April 23 2024

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جاري، ٽنڊو الهيار ۾ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون، ٽنڊو الهيار ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پوليس جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ

ٽنڊو الهيار( رپورٽ: سجادحسين سنڌ سماءَچار) سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ اعلانيل لاڪ ڊائون جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ جيان ٽنڊُ الهيار ضلعي جي مخلڌتلف شهرن ۾ به لاڪ ڊائون آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پوليس جي وٺ پڪڙ به جاري آهي. لاڪ ڊائون دوران ٽنڊي الهيار شهر، نصرپور، چمبڙ، بڪيرا شريف، مسڻ وڏي سميت سمورن شهرن ۾ لاڪ ڊائون جاري آهي. ڀاڄين، ميڊيڪل اسٽورز، سيڌي سامان ۽ زرعي دوائن ۽ ٻج جا دڪان کليل رهيا. مختلف شهرن ۾ شهرين پاران ٻيلهه سواري جي خلاف ورزي ۽ بنا ڪارڻ جي گهرن مان نڪرندڙ ماڻهن خلاف پوليس جي وٺ پڪڙ به جاري آهي، جنهن دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ڪجهه ماڻهن کي پوليس سخت نڌتنبيهه ڪندي واپس گهرن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي اهم ڪاموري پاران سنڌ ۾ ڪرونا جا 5 هزارن کان وڌيڪ شڪي ڪيسز جو انڪشاف

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *