Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ عوامي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا آهن، پئسي جي لالچ معاشري جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي: سپريم ڪورٽ

Diyaldas club

سپريم ڪورٽ حيدرآباد جي ڏيالداس ڪلب ۾ شادين ۽ ڪاروباري سرگرمين تي پابندي واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي چيو آهي ته، ڪلب ۾ افطار پارٽي، بيت بازي ۽ ميلاد جي تقريبن تي ڪاپابندي نه هوندي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو آهي ته سنڌ ۾ عوامي ملڪيت جي ڪيترن ئي جاين تي قبضا ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ قابضن کي سرڪاري زمين تان قبضا ڇڏڻا پوندا، پئسي جي ڪلچر معاشري جو ستياناس ڪيو آهي. حيدرآباد جو ماحول خراب ڪيو پيو وڃي، حيدرآباد جي حالت ڪراچي کان خراب آهي، شهر عمارتن ۽ روڊن جو ستياناس ٿي ويو آهي، تاريخي ڏيالداس ڪلب کي شادي هال ۾ تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ ۾ عوامي ملڪيت جي ڪيترين ئي جاين تي قبضا ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ قبضا مافيا کي سڀ قبضا ڇڏڻا پوندا، اڳ به اعليٰ عدالت اسلام آباد جي ايف 9 پارڪ مان غيرقانوني اڏاوت هٽرائي.

جسٽس گلزار ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته، حيدرآباد جو ماحول خراب ڪيو پيو وڃي، شهر جي حالت ڪراچي کان به بدتر آهي، سڄو شهر برباد ٿي چڪو آهي. جسٽس گلزار احمد وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته پئسي جي ڪلچر معاشري جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي، ڏيالداس ڪلب مان به وڏا پئسا ڪمايا ويندا آهن، ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڪلبن مان پئسا ڪمايا وڃن ٿا ته انهن جي خراب حالت کي به ٺيڪ ڪرڻو آهي، هتي عوام لاءِ پارڪ هئڻ گهرجن، جنهن وٽ به سرڪاري زمين آهي ان کي ڇڏڻي پوندي.

جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته 30 سالن کان ڪلب جي ڪمائي انتظاميا کائي رهي آهي، لڳي  ٿو ته انتظاميا سڄو ڪلب ئي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪلب جي ڀرپاسي مارڪيٽ ٺاهي وئي آهي، تاريخي ڪلب کي شادي هال طور هلڻ نه ڏينداسين، عدالت قرار ڏنو ته هاءِ ڪورٽ جي مختصر فيصلي جا سبب اڃا اچڻا آهن، ان کانپوءِ عدالت هيءَ ڪيس اڪلائيندي، ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل وقت تائين ملتوي ڪئي وئي.

Diyaldas club1

ان کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ آڏو ڏيالداس ڪلب جي انتظاميا جي وڪيل رشيد اي رضوي دليل ڏيندي چيو ته، ڪلب خانگي ملڪيت آهي، جيڪو سٺي ڏيالداس ايراضي خريد ڪري ٺاهيو هو، گذريل 30 سالن کان ڪلب ۾ شادي جون تقريبون ٿينديون آهن، ان ڪري هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *