Wednesday , April 24 2024

سنڌ ۾ سياري جي مينهن حڪومت جي ڪرايل ترقي کي پڌرو ڪري ڇڏيو

سکر/لاڙڪاڻو/ڪراچي/فيض گنج (رپورٽرز   سنڌسماءَچار) سنڌ جي مختلف شهرن سياري مينهن پيپلز پارٽي جي 11 سالن دوران ڪرايل ترقياتي ڪمن جا اڇا چٺا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، برسات سبب ڪراچي، لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور، جيڪب آباد ضلعن سميت اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ مينهن جو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهجي ويو آهي، پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ سبب اڪثر شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو آهي. ڪراچي، خيرپور،لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان سنڌسماءَچار جي نمائندن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ پيل برسات انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ رستن تي پاڻي بيهجي ويو، جنهن ڪري صبح سان ٽرئفڪ متاثر رهي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ به برسات کانپوءِ روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي. جنهن ڪري شهرين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ڄام نواز علي، نئون آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوائن ۽گجگوڙ سان برسات پئي آهي. اختيارين جي بدانتظامي سبب برساتي پاڻي شهر جي گهٽين، پاڙن ۽ مُک رستن تي برساتي پاڻي گڏ ٿي ويو آهي.

نوشهروفيروز ۾ به گذريل رات کان تيز هوا سان برسات کانپوءِ عام زندگي مفلوج بڻجي وئي. شهر جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻيءُ جا تلاءُ نظر اچي رهيا آهن، پر انتظاميا شهرين جون مشڪلاتون گهٽائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. کڏڙو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. شاهپور چاڪر، چودڳي، پريتم آباد ۾ به سياري جي برسات جو وسڪارو ٿيو. خانواهڻ ۾ برسات ۽ ڪوهيڙ سبب عام وهنوار ڊانواڊول ٿي ويو، جڏهن ته بجلي بند ٿيڻ ڪري شهرين کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ٺل ۽ ميرو خان ۾ برسات کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي، جڏهن ته ميرو خان ۾ گئس سپلاءِ به متاثر ٿيڻ سبب شهري پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا. ڪشمور ۾ به سياري جي برسات پئي، پر گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب واپڊا ڪالوني کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ڀريا سٽي ۾ برسات جي رحمت کي بدانتظامي زحمت بڻائي ڇڏيو. شهر جي مختلف علائقن ۾ گٽر نالا اُٿلي پيا، جڏهن ته ڳوٺ ڌڻي بخش ڪلهوڙو ۾ 80 ورهين جو پيرسن پير بخش ڪلهورو سيءُ جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

سرهاڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات پوڻ کانپوءِ سيءُ ۾ واڌ ٿي وئي، جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي. ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برسات پئي، جنهن کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي آهي. ڪڙيو گهنور ۾ به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. مسو ڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات کانپوءِ روڊ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي گڏ ٿي ويو آهي. حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ۾ برسات کانپوءِ سيءُ ۾ واڌ ٿي وئي، جڏهن ته ٽنهي شهرن جي مختلف علائقن رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري شهرين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. سنڌڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. جنهن کانپوءِ عام وهنوار ڊانواڊول ٿي ويو ۽ بجلي جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي. ڪراچي جي گلستان جوهر، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، گلشن اقبال، گلشن حديد، صدر، رنڇوڙ لائن، گارڊن، لياري، کارادر، ماڙيپور ۽ ملير سميت اڪثر علائقن کانپوءِ مينهن شروع ٿيڻ شرط بجلي گم ٿي وئي. اڪثر رستن ۽ گهٽين ۾  مينهن جو پاڻي ب يهجي ويو آهي، جيڪو اڃا تائين نيڪال ناهي ٿي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *