Friday , April 26 2024

سنڌ ۾ تيل ڪمپنين رڳو وسيلا ۽ سردار گهرجن، مولوي ۽ ٻانگون ڏيندڙ به ٻاهريان ڀرتي ڪيا ويا آهن: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، آئل اينڊ گئس ڪمپنين کي سنڌ جا رڳو وسيلا ۽ سردار گهرجن ٿا، مولوي ۽ اذان ڏيندڙ به ٻاهران گهرائي ڀرتي ڪيا ويا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي جو ايندڙ نسل پنڻ تي مجبور ٿي وڃي، تيل ڪمپنين بابت حقيقتن تي مشتمل رپورٽ عدالت ۾ پيش پيش ڪرڻ تي گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر کي بدلي ڪيو ويو، چيف جسٽس نئين مقرر ڪيل ڊي سي کان 2013 کان هيل تائين مقامي ترقي لاءِ ڪيل خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ قائم بئچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊپٽي ڪمشنر قمبرشهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سميت ٻيا عملدار  پيش ٿيا. شنوائي دوران مختلف ضلعن ۾ گئس ۽ تيل ڪمپنين پاران مقامي ليول تي ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ قمبرشهدادڪوٽ جي ڊي سي کي چيو ته اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ڪيو، جنهن سان ايندڙ نسل پنڻ تي مجبور ٿي وڃي. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ ڊي سي قمبر سهدادڪوٽ سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي خبر آهي ته ضلعي ۾ مقامي ماڻهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي، اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ڪيو، توهان جو ايندڙ نسل پنڻ تي مجبور ٿي وڃي. قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي سي پاران گئي فيلڊ مرزاڻي ۾ ملازمن بابت رپورٽ پيش ڪئي. ڊي سي پنهنجي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ته 6 انجنيئرن مان هڪ مقامي آهي، ٻيا سمورا ٻاهران ڀرتي ڪيا ويا آهن. جنهن تي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته، ڊي سي صاحب! توهان پنهنجا فرض صحيح طرح سرانجام نه ڏئي رهيا آهيو، ڇو نه  چيف سيڪريٽري کي لکيو وڃي ته اڳتي توهان کي ڪابه فيلڊ پوسٽنگ نه ڏني وڃي.

ڪيس جي شنوائي دوران گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ پيش ڪئي. گهوٽڪي جي ڊي سي عدالت کي آگاهه ڪيو ته قادرپور گئس فيلڊ انتظاميه ترقياتي ڪمن جي مد ۾ اڃا تائين ڪي به فنڊ ناهن ڏنا. قادرپور گئس فيلڊ انتظاميه جي نمائندي  عدالت کي ٻڌايو ته اسان علائقي جي ترقي لاءِ فند ڏنا آهن. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته توهان بااثرن کي فند ڏنا هوندا، گهوٽڪي ضلعي جي ماڻهن کي فند ڏيو، هو علائقا ڇڏڻ تي مجبور آهن. چيف جسٽس رمارڪس ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي نمائندي  کي چيو ته توهان جو عام ماڻهن سان ڇا وڃي، اوهان کي صرف وسيلا ۽ سردار گهرجن. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي رپورٽ ۾ سچ لکيو ته سندس بدلي ڪئي وئي آهي. عدالت گهوٽڪي ضلعي جي نئين ڊپٽي ڪمشنر کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي 2013 کان هن وقت تائين ڪمپنين مقامي ترقي لاءِ ڪيتري رقم ڏني آهي. عدالت قادرپور گئس فيلد جي نمائندي سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي مولوي ۽ موزِن به مقامي بدران ٻاهرايان گهرجن. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پي پي ايل ڪنڌڪوٽ ۾ مولوي آزاد ڪشمير جو آهي، ٿرڊ پارٽي ذريعي ملازمن کي پگهارون ڏنيون پيون وڃن. درخواستگذار چيو ته ٿرڊ پارٽي ۾ بااثر سردار ۽ من پسند ماڻهو هوندا آهن، جن کي وڏي رقم ملندي هوندي. درخواست ۾ چيو ويو ته پي پي ايل ۾ 90 آفيسر آهن ، جن مان صرف 3 مقامي آهن. عدالت سڀني ڪمپني انتظاميه کان ملازمن جي ڊوميسائل بابت تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *