Tuesday , April 23 2024

سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي، تعليم کاتي جي سنجهورو ۾ لاجواب ڪارڪردگي!

تعليمي ايمرجنسي جا رنگ ڏسو سنجهوري ۾ …….

سنجهورو (سنڌسماءَچار نيوز ) سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي پاران صوبي ۾ لڳايل تعليمي ايمرجنسي(هنگامي حالتن) جا ثمر منظر تي اچي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ سنجهوري ۾ قائم نياڻين جي اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٽي شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون. گرلز هاءِ اسڪول سنجهورو ۾ پڙهائي دوران اوچتو ستين ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 3 شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون. مين گرلز هاءِ اسڪول سنجهوري جي ڪلاس روم جا چاپڙ ڪرڻ ٽي شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون جن کي اسڪول جي عملي ۽ ساٿي شاگردياڻين اسپتال پهچائي ملم پٽي ڪرائي، گهر روانو ڪيو ويو. اسڪول انتظاميه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ ڪافي پراڻي آھي ۽ ڪلاس رومز جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪمزور ٿي چڪيون آھن. اهڙي صورتحال بابت ڪيترائي ڀيرا تعليمي کاتي جي آفيسرن کي لکت توڙي زباني شڪايتون ڪيون ويون آهن پر انهن جو ڪو به نتيجو ته نه نڪتو پر اڄ وڏو سانحو ٿيندي ٿيندي رهجي ويو ۽ الله جي ڪرم سان ڪو وڏو جاني نقصان ناهي ٿيو. اسڪول انتظاميه ۽ شاگردياڻين سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي عمارت جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو.

هي اٿؤ اسان جي سنڌ: ڪاڇي ۾ ماءُ ۽ پٽ اُڃ وگهي فوت

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *