Thursday , April 18 2024

سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي: گهوٽڪي ضلعي جا بند پيل 23 اسڪول اڃا نه کليا

education deptt. 1

سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ لڳايل تعليمي ايمرجنسي اڃا تائين ڪو لاڀ نه ڏئي سگهي آهي. سنڌ جي مختلف اسڪولن جا هزارين اسڪول اڃان تائين بند پيل آهن، جنهن کان ساسواءِ سوين اسڪولن ۾ واش رومز، چوديواري، بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جو سهولتون مهيا ٿي ناهن سگهيون. گهوٽڪي ضلعي اندر بند پيل  23 اسڪول به تعليم کاتي جا عملدار اڃا تائين کولرائي ناهن سگهيا.

ان سلسلي ۾ ضلعي تعليمي اصلاحي ڪاميٽي جو اجلاس ڊي سي گهوٽڪي سيد اعجاز علي شاهه جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ بريفنگ ڏيندي چيف مانيٽرنگ آفيسر عثمان عبدالله ٻڌايو ته 50 سيڪڙو پرائمري،ايليمينٽري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جي مانيٽرنگ ڪئي ويئي آهي هن اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مختلف سببن جي ڪري  ضلعي جا 23 اسڪول بند پيل آهن، 390 اسڪولن کي ديوار ناهي، 85 اسڪولن جون ديوارون خراب آهن، 313 اسڪولن ۾ واشروم ناهن، 100 اسڪولن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي جي سهولت ناهي، 438 اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي، 514 اسڪولن ۾ بجلي جي سهولت ناهي جڏهن ته 20 اسڪول بغير عمارتن جي هلي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته تعليم کاتي جي مانيٽرنگ اينڊ ايووليشن برانچ تحت هڪ ايپليڪيشن ذريعي ضلعي جي اسڪولن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا رپورٽ انٽرنيٽ ذريعي هيڊ آفيس ڪراچي ڏانهن پڻ اماڻي ويندي آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي سي گهوٽڪي سيد اعجاز علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پاران تعليم جي بهتري لاءِ فنڊز فراهم ڪيا پيا وڃن، ان جي باوجود ضلعي گهوٽڪي ۾ تعليم جي صورتحال بهتر ناهي ٿي سگهي، جنهن جا ذميوار تعليم کاتي جا آفيسر آهن، ڇو ته تعليم کاتي جا آفيسر پنهنجا بنيادي فرض بهتر طريقي سان ادا نه پيا ڪن، هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ضلعي جي اسڪولن کي ملندڙ ايس ايم سيز فنڊز ۾ به گهوٻين جو شڪايتون ملنديون رهن ٿيون اهو ئي سبب آهي جو ضلعي جي اسڪولن جي حالت بهتر ناهي ٿي سگهي. هن چيو ته ايس ايم سيز فنڊز ۾ هيرا ڦيري ڪندڙ هيڊماسترن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي  ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *