Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ اڄ کان ميٽرڪ جا امتحان، تعليم کاتي ڪاپي روڪڻ لاءِ جوڳا انتظام نه ڪيا، ڪاپي مافيا به سرگرم

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سڄي سنڌ ۾ اڄ کان ميٽرڪ جا امتحان شروع ٿي رهيا آهن، امتحانن دوران ڪاپي روڪڻ روڪڻ لاءِ تعليم کاتي ۽ تعليمي بورڊز پاران ڪي به جوڳا انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪراچي، خيرپور، لاڙڪاڻو سميت مختلف ضلعن ۾ سواليا پيپر اڳواٽ آئوٽ ڪرڻ لاءِ مافيا سرگرم ٿي وئي آهي. اڄ پهرين اپريل کان ڪراچي، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص تعليمي بورڊز جي انتظامن هيٺ نائين ۽ ڏهين جا امتحان ٿي رهيا آهن. بورڊز انتظاميا جي سفارش تي سمورن ضلعن جي ڊي سيز پاران امتحاني مرڪزن ۽ انهن شهرن ۾ فوٽو ڪاپي مشينن جي دوڪانن کولڻ خلاف قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪراچي بورڊ جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، هر سال جيان هن ڀيري به، وقت کان اڳ ۽ سينٽرز کان ٻاهر سواليا / ڪئسچن پيپرز آئوٽ ڪرائڻ لاءِ مافيا سرگرم آهي، جن بورڊ اختيارين ۽ سينٽرز جي انچارجن سان ڊيلز ڪري ڇڏيو آهن.

ان سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ڪراچي ڊويزن کانسواءِ لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، نوابشاهه، خيرپور، ميرپور خاص ۽ حيدر آباد ضلعن ۾ ڪاپي مافيا به بورڊز انتظاميا سان سڌي يا اڻسڌي طرح پيپرز آئوٽ ڪرائڻ لاءِ انتظاطم ڪري ورتا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ استاد تنظيمن جا اڳواڻ به ملوث آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڄاڻايل ضلعن جي مختلف سينٽرز جي انجارجن، ۽ ٻيو عملو به ملوث آهي. ذريعن موجب ڪجهه سينٽرز تي ٽرانسپورٽيشن جا ڪارڻ پيدا ڪري پيپر اڳواٽ آئوٽ ڪرائي، 20 کان 40 منٽن تائين پيپرز دير سان پهچايا ويندا ۽ ان سدوران ئي پيپر آئوٽ ٿيندا. www.sindhsamaachar.com کي حاصل ٿيل معلومات مطابق پيپرز جي دير سان سينٽرز تي پهچڻ لاءِ اهڙي رٿا جوڙي وئي آهي جو هر ضلعي جي لڳ ڀڳ ٻن سينٽرز تي روزانو پيپر دير سان پهچندا، جنهن ۾ مک ڪارڻ ٽرانسپورٽيشن ئي ڄاڻايو ويندو.

(سنڌسماءَچار سٿ پاران سڄاڻ ۽ تعليم دوست سماج سڌارڪ ۽ سول سوسائٽي جي سرگرم ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اُهي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڪاپي خلاف پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن)

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *