Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ اڄ صبح 12 هين کان شام منجهند 3 وڳي تائين سڀ ڪجهه بند رهندو: ناصر شاهه

اڄ ٽن ڪلاڪن لاءِ سڄي سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون هوندو،جمعي نماز ۾ صرف 3 کان 5 نمازي شرڪت ڪري سگهندا

ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ حڪومت اڄ جمعي جي ڏينهن سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، گهرو کاتي نوٽيفڪيشڻ به جاري ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته، شهرين کي اپيل ڪيون ٿا ته مڪمل لاڪ ڊائون تي عمل ڪن، حڪومت کي خوامخواه سختي ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ڪرونا وائرس تي ضابطي آڻڻ لاءِ اڄ 3 پريل جمعي  ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته، اڄ جمعي ڏينهن  صبح جو ٻارهين وڳي کان مڪمل لاڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو جيڪو منجهند جو ٽين وڳي تائين جاري رهندو. ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون دوران مسجدون کليل رهنديو ۽ آذانون به ڏنيون وينديون، مسدجن ۾ جمعي جي نماز ۾ 3 کان پنج نمازي ئي شرڪت ڪري سگهندا، ان سان گڏ لاڪ ڊائون بابت سنڌ حڪومت جا ٻيا سمورا حڪم به جيئن جو تيئن لاڳو هوندا. ناصر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، ٽرانسپورٽ هلائڻ جي به اجازت نه هوندي، ڪنهن کي به گهرن مان ٻاهر نڪرڻ جي اجاز ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *