Wednesday , April 24 2024

سنڌ ڪابينا ۾ واڌ، ناصر شاهه، سهيل انور سيال، باري پتافي وزير، نثار کهڙو صلاحڪار ٿيندو

ناصر شاهه کي ساڳيا کاتا ملندا، باري پتافي، سهيل انور سيال وزير ٿيندا، نثار کهڙو صلاحڪار ٿيندو ۽ کيس وزير واري حيثيت ملندي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ ڪابينا ۾ واڌ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ناصر شاهه، باري پتافي، سهيل انور سيال ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي وزير، پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، بنگل خان  مهر ۽ اعجاز شاهه شيرازي کي صلاحڪار ڪيو ويندو، نوان وزير آچر تي شام جو يا سومر ڏينهن صبح وزارتن جو قسم کڻدا، ناصر شاهه کي ساڳيا کاتا ملندا. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق گهوٽڪي جي اين اي 205 جي ننڍي چونڊن ۾ سردار محمد بخش مهر جي مهم هلائڻ لاءِ وزارتن تان استعيفيٰ ڏيندڙ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ باري پتافي کي ٻيهر وزير بڻائي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو، محمد بخش جي چونڊن ۾ مدد ڪندڙ ڄام سيف الله ڌاريجو کي ايڊيجسٽ ڪرڻ لاءِ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي به سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو.

سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪري اڳوڻي صوبائي وزير ۽ فريال ٽالپر توڙي آصف زرداري جي ان تهائي اعتماد واري پ پ اڳواڻ سهيل انور سيال کي به ٻيهر سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪري کيس ساڳئي گهرو وزارت ڏيڻ جوا امڪان ٻڌايو پيو وڃي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته باري پتافي، اڪرام الله ڌاريجو ۽ ناصر شاهه کي صوبائي وزير بڻائڻ ۽ بنگل خان مهر، نثار کهڙو ۽ اعجاز شاهه شيرازي کي صوبائي صلاحڪار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق نوان صوبائي وزير اڄ يعني آچر تي شام جو يا وري سومر ڏينهن ڪنهن به وقت وزارتن جو حلف کڻندا. سنڌسماءَچار کان مليل ڄاڻ موجب پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو کي وڏي وزير جو صلاحڪار بڻائي کيس وزير جي حيثيت ڏني ويندي، جنهن سان هُو سنڌ ڪابينا جي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪري سگهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *