Thursday , April 25 2024

سنڌ ڪابينا ۽ ننڍي چونڊ بابت اجلاس مني سي ايم هائوس/زرداري هائوس دبئي ۾ ٿيندو

Asif Zardari & Murad shah

سنڌ ڪابيان ۾ ردوبدل يئن ۽ ڪهڙي ڪجي؟ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه فيصلو ڪرن لاءِ مني سي ايم هائوس دبئي روانو ٿي ويو آهي،  جتي اصل واڳ ڌڻي آصف علي زداري سان ملاقات ڪندو. مني سي ايم هائوس دبئي/زرداري هائوس دبئي ۾ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويندو ته سنڌ ڪابينا ما ن خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن جي استعيفائن بعد ڪابينا ۾ واڌ ڪجي يا نه؟ پ پ دبئي ۾ موجود پ پ جي هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي موجوده صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جيڪي ايم پي ايز به آهن، انهن کي مڪمل وزير ۽ ڪجهه کي صلاحڪار مقرر ڪيو وڃي ۽ وڌيڪ ڪنهن نئين ماڻهو کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ کان پاسو ڪجي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته پ پ جي هڪ اهم شخصيت ۽ فيصلن تي 100 سيڪڙو اثرانداز ٿيندڙ شخصيت پاران ٻن ايم پي ايز کي سنڌ ڪابينا ۾ سامل ڪرائڻ لاءِ نالا ڏئي ڇڏيا آهن ۽ امڪان آهي ته انهن کي وزير بڻائڻ بدران في الحال بنا کاتي جي صلاحڪار طور به مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي.

وڏي وزير پاران آصف زرداري کي لاڙڪاڻو، شڪارپور، حيدرآباد، قاسم آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ گندي پاڻي جي نيڪال وارن منصوبن لاءِ منظور ڪيل فنڊز ۽ منصوبن کي شروع ڪرڻ لاءِ طريقيڪار بابت به بريفنگ ڏيندو.

ذريعن موجب وڏي وزير ۽ آصف علي زرداري جي ملاقات ۾ لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه مان ننڍي چونڊ وڙهڻ وارن فيصلن تي به غور ڪيو ويندو. ان بابت ٻڌايو ويو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ننڍي چونڊ وارو فيلو في الحال ٻن مهينن تائين ملتوي ڪيو ويندو ۽ پوءِ اهڙي فيصلي کي سرد خاني حوالي ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *