Saturday , April 20 2024

سنڌ ڪابينا پاران ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا ۽ غير قانوني الاٽمينٽ جو اعتراف

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا نيٺ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي ته، سنڌ جي ٻيلي کاتي جي لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ايڪڙ زمين تي قبضا ٿيل آحن، جن مان 70 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين غير قانوني طريقي سان الاٽ ڪئي وئي آهي، سنڌڪابينا سموري زمين خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي رينجرز کان به مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو ڪابينا اجلاس کي آگاهي ڏني. ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته ٻيلي کاتي جي 145245 ايڪڙ ايراضيءَ تي غيرقانوني قبضا آهن. کاتي جي 70 هزار ايڪڙ زمين غيرقانوني طور تي الاٽ ڪئي وئي آهي. ڪابينا کي ٻاڌيو ويو ته هن وقت تائي، ٻيلي کاتي جي رڳو 13 هزار 500 ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن.

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي قبضي هيٺ آيل ۽ غيرقانوني طريقي سان الاٽ ڪيل زمين خالي ڪرائي وڃي، قانون جي ابتڙ الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي. وڏي وزير سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته، ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز کان به مدد ورتي وڃي، ان لاءِ ڊي جي رين جرز سان باقائدگي سان لکپڙهه ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *